ايران-آمريڪا معاهدي بابت خليجي اتحادي ملڪن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ابوظهبي پهچي ويو آهي۔
آمريڪي ميڊيا موجب، آمريڪا طرفان خليجي ملڪن کي سيڪيورٽي بابت يقين ڏيارڻ جو امڪان آهي۔
ابوظهبي پهچڻ تي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته آبنائي هرمز هڪ بين الاقوامي سامونڊي گذرگاهه آهي ۽ عالمي قانونن موجب ڪنهن به ملڪ کي ان تي ٽول يا فيس لاڳو ڪرڻ جي اجازت ناهي۔
صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته آبنائي هرمز تي ڪو به ملڪ ٽول يا فيس لاڳو نٿو ڪري سگهي، عالمي سامونڊي رستي تي ٽيڪس يا فيس لڳائڻ بين الاقوامي قانون جي خلاف آهي، ۽ خطي جا سڀئي ملڪ آمريڪا جي هن موقف سان متفق آهن۔
مارڪو روبيو وڌيڪ چيو ته ايران کي انقلابي تحريڪ بدران هڪ رياست طور ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ايران رياست جي حيثيت سان ڪم ڪري ته ترقي جا وڏا موقعا موجود آهن، پر جيستائين خطي ۾ ايران سان لاڳاپيل پراڪسي گروهه حملا ڪندا رهندا، تيستائين ڇڪتاڻ ختم نه ٿي سگهندي۔
آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته عراق مان ٿيندڙ ميزائل ۽ ڊرون حملا علائقائي امن لاءِ وڏو خطرو آهن، عراق ۾ به حماس ۽ حزب الله جهڙا گروهه دهشتگردي ۾ ملوث آهن، ۽ آمريڪا ايران سان ڳالهين دوران هن معاملي تي به جلد بحث ڪندو۔
واضح رهي ته عمان ۽ ايران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ چيو هو ته ٻئي ملڪ آبنائي هرمز جي مستقبل جي انتظام ۽ اتي فراهم ڪيل خدمتن عيوض ورتل فيسن جو جائزو وٺندا.