اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي، عمران خان جي طبي معائني بابت وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو آهي.
اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي، اڊيالا جيل ۾ قيد باني پي ٽي آءِ عمران خان جو مڪمل طبي معائنو سندس ذاتي ڊاڪٽرن کان ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
محمود اچڪزئي خط ۾ لکيو آهي تہ عمران خان جي صحت بنيادي انساني حقن جو معاملو آهي، تنهنڪري سندس طبي معائنو شوڪت خانم ۽ شفا اسپتال جي ڊاڪٽرن کان ڪرايو وڃي.
محمود خان اچڪزئي طبي معائني لاءِ ڊاڪٽر عاصم يوسف، ڊاڪٽر مظهر اسحاق ۽ ڊاڪٽر عامر اعواڻ جا نالا تجويز ڪيا آهن ۽ عمران خان جي طبي معائني دوران گھرڀاتين ۽ ذاتي ڊاڪٽرن جي غيرموجودگي تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي….