وزيراعظم شھباز شريف اپوزيشن کي مشورو ڏنو آهي ته اڄ اختلافي معاملن تي ڳالهائڻ جو وقت ناهي۔
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاڪستان آيل آهن، سندن آجيان ڪئي وڃي، ۽ اڄ اختلافي معاملن تي بحث مناسب ناهي۔
هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 60 ڏينهن جي مفاهمتي يادداشت تحت ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اميد آهي ته ان سان پائيدار امن قائم ٿيندو، جنهن تي ايوان ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2018 جي چونڊن جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اها قانوني حڪومت هئي ته پوءِ هي به قانوني حڪومت آهي۔
هن اهو به چيو ته ڇا پنجاب جي ترقي پاڪستان جي ترقي نه آهي؟ ملڪ تڏهن ئي اڳتي وڌي سگهي ٿو جڏهن چارئي صوبا ترقي جي ڊوڙ ۾ گڏ شامل ٿين۔