اسلام آباد : وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ريمارڪس ڏنا آهن تہ عدالتون ذاتي اخلاقيات يا همدردي جي بنياد تي قانون جي جاءِ نٿيون وٺي سگهن۔
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران هڪ شاگرد کي اسپيشل سپر سپليمينٽري امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي وفاقي آئيني عدالت ۾ ٿي۔
ٻڌڻي دوران آئيني عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو تہ ججز کي جذبن بدران قانون موجب فيصلا ڪرڻا پوندا، عدالتون ذاتي اخلاقيات، همدردي يا احساسن جي بنياد تي قانون جي جاءِ نٿيون وٺي سگهن۔
وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو شاگرد کي اسپيشل سپر سپليمينٽري امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ڏيڻ وارو فيصلو رد ڪندي چيو تہ قانون، ضابطن يا ريگيوليشنز ۾ اهڙي امتحان جي اجازت موجود ناهي، هاءِ ڪورٽس همدردي يا ذاتي احساسن جي بنياد تي حڪم جاري نٿيون ڪري سگهن۔
عدالت وڌيڪ چيو تہ عدالتي ساک جذباتي فيصلن ۾ نه پر قانون تي عملدرآمد ۾ آهي، ججز کي بنا خوف ۽ قانون موجب انصاف مهيا ڪرڻو هوندو آهي۔
وفاقي آئيني عدالت چيو تہ پاڪستان ماڻهن بدران آئين تحت هلندڙ رياست آهي، ججز خانگي فرد نہ پر غيرجانبدار هوندا آهن، همدردي کي قانوني ذميواري تي ترجيح ڏيڻ عدالتي عهدي کان ابتڙ آهي۔
عدالت فيصلي ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽس پاڻ بہ آئين جي تخليق آهن، پاڪستان جو آئيني سفر هميشہ قانون جي دائري اندر طئي ٿيو آهي، هاءِ ڪورٽس کي آئين جي آرٽيڪل 199 تحت محدود اختيار حاصل آهن ۽ اهي رڳو اهو ئي اختيار استعمال ڪري سگهن ٿيون جيڪو آئين يا قانون ۾ ڏنل هجي۔
ياد رھي تہ شهيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو هڪ شاگرد گڙدي جي پيوندڪاري سبب سالياني امتحان ۾ شريڪ نہ ٿي سگهيو هو، جڏھن تہ طبي سببن جي ڪري سپليمينٽري امتحان بہ ڏئي نه سگهيو هو۔
شاگرد وائيس چانسلر کي ٻہ درخواستون ڏنيون هيون، پر يونيورسٽي ٻنهي درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد شاگرد آئين جي آرٽيڪل 199 تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو، جتي هاءِ ڪورٽ شاگرد کي سپر سپليمينٽري امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني هئي، جيڪا هاڻي وفاقي آئيني عدالت رد ڪري ڇڏي آهي۔…..