ايران حڪومت جو اعتراف: 3 ھزار کان وڌيڪ مارجي ويل مظاھرين جي فھرست جاري

فہرستِ مضامین

ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جي آفيس گذريل مهيني ٿيندڙ مظاهرن دوران مارجي ويل 2,985 ماڻهن جا نالا ۽ سڃاڻپ جاري ڪري ڇڏيا آهن

ايوان صدر موجب مارجي ويل ماڻهن جا نالا ملڪ جي مختلف قومي اخبارن ۾ شايع ڪيا ويا آهن

صدراتي آفيس جو چوڻ آهي تہ تازو واقعن ۾ مجموعي طور 3,117 ماڻهو مارجي ويا، پر 131 لاشن جي سڃاڻپ اڃا ممڪن نہ ٿي سگهي آهي، تنهنڪري انهن جا نالا فهرست ۾ شامل نہ ڪيا ويا آهن.

بي بي سي فارسي جي رپورٽ موجب انساني حقن جي ڪارڪنن جي دعويٰ آهي تہ جاري ڪيل فهرست ۾ اڃا به ڪيترائي نالا شامل نه آهن

انهن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ماڻهن جي اصل تعداد سرڪاري انگن اکرن کان گهڻو وڌيڪ آهي ۽ ايراني حڪومت هن فهرست ذريعي مارجي ويلن جو تعداد گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ناروي جي گادي واري شھر اوسلو ۾ قائم ايراني انساني حقن جي تنظيم جي ڊائريڪٽر محمود اميري مقدم چيو آهي تہ ٽن هزار کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا شايع ڪرڻ دراصل هڪ سنگين ۽ ڀيانڪ ڏوھ جو اعتراف آهي، جنهن جي عالمي سطح تي جاچ ٿيڻ گهرجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں