لائیو بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي 1,150 ارب رپين جو خسارو، حيسڪو ۽ ليسڪو سڀ کان وڌيڪ متاثر

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: (خاص رپورٽ) پاڪستان جي بجلي ورهائيندڙ سرڪاري ڪمپنين (ڊسڪوز) جي مالي حالت بابت آڊيٽر جنرل پاڪستان جي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪ جون بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون گڏيل طور تي 1,150 ارب رپين (11.5 کرب رپيا) جي خساري کي منهن ڏئي رهيون آهن. رپورٽ موجب حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) ۽ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) سڀ کان وڌيڪ مالي بحران جو شڪار آهن.

آڊيٽر جنرل جي رپورٽ مطابق حيسڪو جي مجموعي خساري جو انگ 513 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته مالي سال دوران ڪمپني کي 12 ارب 90 ڪروڙ رپين جو خالص نقصان برداشت ڪرڻو پيو.

رپورٽ ۾ حيسڪو جي مالي حالت کي انتهائي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪمپني تي پراڻن خسارن سان گڏ ريٽائرڊ ملازمن جي واجبن جو به وڏو بار آهي.

لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) کي مالي سال دوران 45 ارب 38 ڪروڙ رپين جو خالص نقصان ٿيو. ڪمپني جو مجموعي خسارو وڌي 331 ارب 20 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويو آهي.

رپورٽ موجب ليسڪو جي ايڪوٽي (مالياتي قدر) به منفي ٿي 174 ارب 95 ڪروڙ رپين تائين ڪري پئي آهي، جنهن سبب حڪومت جي مالي سهائتا کانسواءِ ڪمپني جي بقا بابت سوال اٿڻ لڳا آهن.

ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) جيتوڻيڪ مالي سال دوران 5 ارب 26 ڪروڙ رپين جو منافعو ڪمائڻ ۾ ڪامياب رهي، پر ان جي مٿان اڃا به 174 ارب 56 ڪروڙ رپين جا گڏيل خسارا موجود آهن.

ميپڪو جي منفي ايڪوٽي 76 ارب 72 ڪروڙ رپين تائين پهتل آهي، جنهن سبب آڊيٽرن ان جي مالي پائيداري بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن.

رپورٽ موجب فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (فيسڪو) سڀ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.

فيسڪو 9 ارب 43 ڪروڙ رپين جو منافعو حاصل ڪيو.

گذريل سال اهو منافعو صرف 99 ڪروڙ 80 لک رپيا هو.

ڪمپني جون مجموعي ايڪوٽي جون حالتون به بهتر ٿيون آهن.

جون 2025 تائين فيسڪو جي مثبت ايڪوٽي 62 ارب 97 ڪروڙ رپيا ٿي وئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي خريد ڪرڻ جي گهٽ لاڳت، بهتر وصولين ۽ مالي انتظام سبب فيسڪو پنهنجي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آندي.

اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (آئيسڪو) پڻ پنهنجي مالي ڪارڪردگي بهتر بڻائي آهي.

ڪمپني جو خسارو 15 ارب 80 ڪروڙ رپين مان گهٽجي 1 ارب 42 ڪروڙ رپين تائين اچي ويو.

ڪمپني جي آمدني 331 ارب 7 ڪروڙ رپين تائين پهتي.

ٽرانسميشن ۽ ورڇ دوران ٿيندڙ نقصان گهٽجي 8.39 سيڪڙو رهجي ويو.

وصولين جو عرصو پنجن سالن ۾ 155 ڏينهن مان گهٽجي 55 ڏينهن ٿي ويو.

آڊيٽر جنرل جي رپورٽ مطابق بجلي ڪمپنين جي مالي بحران جو هڪ اهم سبب ريٽائرڊ ملازمن جي پنشن ۽ ٻين فائدن جا وڌندڙ واجب پڻ آهن.

فيسڪو اڪيلي وٽ ريٽائرڊ ملازمن بابت واجبات جو حجم 122 ارب 85 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته ٻين ڪمپنين تي به اهڙو بار مسلسل وڌي رهيو آهي.

مالي ماهرن جو چوڻ آهي ته بجلي چوري، ناقص وصوليون، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن نقصان، سياسي مداخلت ۽ وڌندڙ آپريشنل خرچ ڊسڪوز جي مالي بحران جا بنيادي سبب آهن.

رپورٽ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حيسڪو، ليسڪو ۽ ميپڪو جهڙين ڪمپنين جي مالي سڌارن لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ انهن ادارن جي ڪارڪردگي ۽ بقا ٻنهي کي سنگين خطرا درپيش ٿي سگهن ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں