ايراني صدر مسعود پزشڪيان اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ طاقتور مسلم بلاڪ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، جيڪو گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ سڄي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي ھيٿ وٺرائڻ جي صلاحيت رکي۔
ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب، مسعود پزشڪيان اسلام آباد ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات دوران خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ثالثي لاءِ پاڪستاني حڪومت، عوام ۽ فوجي قيادت جي تعميري ڪوششن کي ساراهيو۔
ايراني صدر چيو ته پاڪستان جا سفارتي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان مسلم ملڪن جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت تي پختو يقين رکي ٿو۔
هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ وڌيڪ وسيع سهڪار جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن۔
ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته اسلامي دنيا اهم سياسي، معاشي ۽ انساني صلاحيتن جي مالڪ آهي، تنهن ڪري مسلم ملڪن وچ ۾ وڌ کان وڌ هم آهنگي علائقائي بحرانن جي حل ۽ مشڪلاتن مان نڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي ٿي۔
ملاقات دوران فيلڊ مارشل عاصم منير مسعود پزشڪيان کي تازين ڳالهين ۽ هڪ معاهدي تي صحيح ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو ۽ ايراني صدر سميت سينيئر ايراني عملدارن جي حمايت کي ساراهيو۔
هن عالمِ اسلام ۾ امن قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ڪنهن به مسلمان قوم کي مصيبتن ۽ تڪليفن جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي۔
فيلڊ مارشل عاصم منير وڌيڪ چيو ته ايران ثابت قدمي سان اسرائيلي حڪومت کي هڪ اهم پيغام ڏنو آهي ۽ پنهنجي حقن جي دفاع ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي۔