وينزويلا ۾ ھڪٻئي پويان آيل ٻن شديد زلزلن وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته هزارين جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي۔
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب وينزويلا ۾ پهريون زلزلو 7.1 شدت جو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کان ڪجهه منٽن بعد 7.5 شدت جو ٻيو زلزلو آيو۔ مقامي وقت موجب شام 6 وڳي آيل انهن زلزلن سبب عمارتون لڏي ويون۔
رپورٽن موجب زلزلي جي نتيجي ۾ وينزويلا جي گادي واري شهر ڪاراڪس سميت مختلف شهرن ۾ درجنين عمارتون تباهه ٿي ويون آهن، جڏهن ته وڏي انگ ۾ ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻجي وڃڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي۔
وينزويلا جي قائم مقام صدر ڊيلسي روڊريگيز زلزلي کي قومي سانحو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪيترين ئي عمارتن کي سخت نقصان پهتو آهي۔ هن ٻڌايو ته ڪاراڪس جي مرڪزي مائيڪيٽيا ايئرپورٽ کي به شديد نقصان رسيو آهي، جڏهن ته هيل تائين 167 ڄڻن جي فوت ٿيڻ ۽ 970 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي۔
حڪومت پاران هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ کان پوءِ وڏي پيماني تي امدادي ۽ بچاءَ جون سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن۔
ٻئي طرف آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي اترين علائقن ۾ به 5.6 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ لڳ ڀڳ 10 لک ماڻهن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي۔
آمريڪي جيولوجيڪل سروي خبردار ڪيو آهي ته وينزويلا ۾ آيل زلزلي سبب 10 هزار کان هڪ لک تائين فوتگين جو امڪان موجود آهي۔
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وينزويلا مان ايندڙ شروعاتي رپورٽون حوصلا افزا ناهن، وڏي پيماني تي جاني نقصان ٿيو آهي، ۽ آمريڪي ادارن کي فوري امدادي ڪاررواين لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔