لاهور: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام جي علامت بڻجي رهيو آهي۔
حضرت علي هجويري جي 983هين غسل مبارڪ جي تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته داتا گنج بخشؒ جي مزار جي تاريخ جي سڀ کان وڏي توسيع جو منصوبو جاري آهي، جنهن جو ڪريڊٽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف کي وڃي ٿو۔
هن چيو ته جتي الله جي عبادت ٿيندي هجي، اتي خدمت جو جذبو اختيار ڪرڻ سان ملڪ ۽ قوم جون حالتون به بهتر ٿينديون آهن، جڏهن ته اهڙا روحاني اجتماع سماج ۾ محبت، ڀائيچاري ۽ استحڪام کي هٿي ڏين ٿا۔
اسحاق ڊار چيو ته تازين علائقائي ڇڪتاڻن دوران پاڪستان کي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ ثالثي ۽ مفاهمت جي حوالي سان مثبت ڪردار نڀايو۔ هن عمل ۾ ٽيم جي قيادت وزيراعظم شهباز شريف ڪئي، جڏهن ته فيلڊ مارشل جون خدمتون به ساراهه جوڳيون رهيون۔
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي سفارتي اڪيلائي مان ڪڍي عالمي سطح تي هڪ اثرائتي ۽ ذميوار رياست طور پيش ڪيو ويو آهي۔ اڄ دنيا پاڪستان کي دهشتگردي بدران امن، استحڪام ۽ تعميري ڪردار جي علامت طور ڏسي رهي آهي۔
نائب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻجڻ جي توفيق ڏني، جنهن کان پوءِ ملڪ ميزائل پروگرام ۾ به نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون، ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان کي هڪ مضبوط معاشي قوت بڻايو وڃي۔
هن وڌيڪ چيو ته 2017ع ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار دنيا لاءِ حيرت جوڳي هئي ۽ ملڪ عالمي معيشتن جي درجابندي ۾ 24هين پوزيشن تائين پهچي ويو هو، پر بعد وارن سالن ۾ معاشي مشڪلاتن سبب پاڪستان 47هين پوزيشن تي اچي ويو۔
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت معاشي استحڪام کي اولين ترجيح بڻائيندي گذريل سالن ۾ پيدا ٿيل چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا آهن۔ الله جي فضل سان پاڪستان ٻيهر استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي مثبت سڃاڻپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي۔