فھميدھ رياض
سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ هر سال محرم تي هڪ ماتمي جلوس نڪرندو آهي، جنهن کي ماڻهو “ايلي ڪاٽ جو پڙ” چوندا آهن. پر سوال اهو آهي ته آخر هي ايلي ڪاٽ ڪير هو؟
هڪ انگريز آفيسر جو پٽ، جيڪو نه رڳو مسلمان ٿيو پر پنهنجي زندگي، خاندان ۽ سڃاڻپ ڇڏي غمِ حسين سان اهڙو وابسته ٿيو جو اڄ به سندس نالي سان جلوس ڪڍيو ويندو آهي۔
هي ڪهاڻي آهي چارلي ايلي ڪاٽ جي، جنهن کي پوءِ ماڻهو علي گوهر جي نالي سان سڃاڻڻ لڳا۔
حيدرآباد جي بزرگن موجب ايلي ڪاٽ هڪ اڇي چمڙي وارو انگريز هو۔ سندس والد برطانوي دور ۾ سنڌ ۾ اعليٰ سرڪاري عهدن تي فائز هو، جڏهن ته سندس والده ليڊي ڊفرن اسپتال حيدرآباد جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ هئي۔
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سندس والده پاڻ به محرم جي جلوسن ۾ نذر نياز ڪندي هئي ۽ ننڍڙي ايلي ڪاٽ کي ڪارا ڪپڙا پارائيندي هئي۔ شايد اهو ئي ابتدائي تعلق هو جنهن بعد ۾ سندس زندگي جو رخ بدلائي ڇڏيو۔
ڪهاڻي جو اصل موڙ ان وقت آيو جڏهن ايلي ڪاٽ پنهنجي ڊرائيور عبدالغفور چانڊيو کان ڪربلا جي واقعي ۽ حضرت علي جي زندگي جا واقعا ٻڌا۔
هي صرف هڪ داستان نه ھو۔ هي اهڙو پيغام هو جنهن سندس دل تي گهرو اثر ڇڏيو۔ روايت موجب ايلي ڪاٽ پنهنجي ڊرائيور کي چيو ته هو به هڪ ماتمي جلوس ڪڍڻ چاهي ٿو۔ جواب مليو ته هن رستي ۾ وڏي قرباني ڏيڻي پوندي آهي۔
پر ايلي ڪاٽ پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو۔ ھن ڪاٺ جو تعزيو ٺھرايو پوءِ محرم جي پهرين تاريخ آئي۔ حيدرآباد جي پڪي قلعي مان ذوالجناح جو جلوس نڪرڻ جي تياري ٿي رهي هئي۔ عين انهيءَ ڏينهن سندس والده گذاري وئي۔
هي اهو لمحو هو جنهن کي سندس ساٿي هڪ امتحان قرار ڏين ٿا۔ صبح جو هن پنهنجي والده کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ۽ شام جو ڪارا ڪپڙا پائي اگهاڙن پيرين ماتمي جلوس ۾ شامل ٿي ويو۔
وقت سان گڏ ايلي ڪاٽ اسلام قبول ڪري ورتو ۽ پنهنجو نالو علي گوهر رکي ڇڏيو۔
پر هي تبديلي صرف نالي جي نه هئي۔
روايتن موجب جڏهن هن پنهنجي انگريز زال کي چيو ته هو مومن بڻجڻ چاهي ٿو، تڏهن سندس سامهون ٻه رستا رکيا۔ يا ته هوءَ به اسلام قبول ڪري يا واپس انگلينڊ هلي وڃي۔
زال ٻيو رستو چونڊيو ۽ ٻارن سميت انگلينڊ واپس هلي وئي۔ علي گوهر خاندان کان جدائي قبول ڪري ورتي، پر پنهنجي رستي تان پوئتي نه هٽيو۔
قيام پاڪستان کان پوءِ به هن انگلينڊ واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔ ڪجهه عرصو اجمير شريف ۾ گذاريائين ۽ پوءِ حيدرآباد واپس اچي سادي زندگي اختيار ڪري ورتائين۔
17 اپريل 1971ع تي علي گوهر، يعني ايلي ڪاٽ، هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو پر سندس ڪهاڻي ختم نه ٿي۔
اڄ به حيدرآباد ۾ سندس نالي سان منسوب پڙ موجود آهي، ۽ گذريل اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کان محرم جي اٺين تاريخ تي سندس ياد ۾ تعزيي سان گڏ ماتمي جلوس ڪڍيو ويندو آهي۔
هي صرف هڪ شخص جي مذهبي وابستگي جي داستان نه آهي، پر ان ڳالهه جو مثال به آهي ته ڪربلا جو پيغام ٻولي، نسل، رنگ ۽ قوميت جي سرحدن کان گهڻو وڏو آهي۔ انهيءَ ڪري هڪ انگريز نوجوان چارلي ايلي ڪاٽ، حيدرآباد جي تاريخ ۾ علي گوهر بڻجي هميشه لاءِ زندهه ٿي ويو۔