بلوچستان سيڪيورٽي فورسز جا ڪليئرنس آپريشن جاري آھن، ٽن ڏينھن دوران 177 دھشتگردن کي ماريو ويو آھي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان ۾ فتنہ الهندوستان سان لاڳاپيل حملي آور دهشتگردن خلاف فورسز جا آپريشن جاري آهن.
گذريل رات ڪارواين دوران وڌيڪ دھشتگردن کي ماريو ويو، جنھن کانپوءِ ٽن ڏينھن دوران آپريشنز ۾ مجموعي طور تي 177 دھشتگرد مارجي چڪا آھن.
سيڪيورٽي فورسز، انٽيليجنس ادارن ۽ پوليس گڏجي مختلف علائقن ۾ فتنہ الھندوستان جي دھشتگردن ۽ سھولتڪارن جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري وڌيڪ دھشتگردن ۽ سھولتڪارن جي مارجڻ جا اطلاع مليا آھن…..