جسٽس محسن ڪياني جا پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز بابت دلچسپ ريمارڪس

فہرستِ مضامین

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني هاءِ ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز بابت دلچسپ ريمارڪس ڏنا آهن۔

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو تہ پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز جن ٺاهيا آهن، ڪمال جا ٺاهيا آهن، هاڻي تہ اهو رڳو ڳجھو دستاويز ئي ناهي رھيو پر ويب سائيٽ تي بہ اپلوڊ ٿي چڪو آهي، اهو 596 صفحن تي ٻڌل دستاويز آهي ۽ مون اهو پورو پڙھي ورتو آهي۔

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو تہ وڪيلن کي گهٽ ۾ گهٽ اهو تہ معلوم ٿيو تہ پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز موجود آهن، پر انهن ۾ اصل ۾ ڪجهہ بہ ناهي، هڪ وڪيل چيو تہ اهي تہ لاهور هاءِ ڪورٽ جي رولز کي ڪاپي پيسٽ ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو تہ ٺاهيندڙن وڏي محنت ڪئي آهي، توھان پنهنجي هاءِ ڪورٽ تي الزام هڻي رھيا آهيو، انهن رولز ۾ پيمنٽ جو باب ئي شامل ناهي۔

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو تہ جسٽس ميان گل حسن پاران تيار ڪيل رولز ۾ مڪمل باب موجود هو، جيڪو ڪميٽي کي ڏسڻو هو، لڳي ٿو اهو شايد اسڪپ ٿي ويو هجي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز ٺاهڻ ۽ لاڳو ڪرڻ جو هڪ طئي ٿيل طريقيڪار هوندو آهي، فل ڪورٽ پڙھي پوءِ منظوري ڏيندي آهي۔

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو تہ فل ڪورٽ کان رڳو هڪ ڏينهن اڳ 596 صفحن تي ٻڌل رولز پيش ڪيا ويا، مون منظوري تي اعتراض ڪيو، فل ڪورٽ ۾ چيو ويو تہ بند ڪتاب وانگر منظوري وٺڻي آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں