مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو، سيڙپڪار وياج جي شرح ۾ گهٽتائي لاءِ پراميد

فہرستِ مضامین

ڪراچي: مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ ايندڙ ڏيڍ مهيني لاءِ وياج جي شرح جو تعين ڪيو ويندو.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي هن اجلاس کي معاشي حلقن ۾ غيرمعمولي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ سيڙپڪارن ۽ واپارين طرفان پاليسي ريٽ جي سنگل ڊجيٽ ۾ اچڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي۔

گذريل مانيٽري پاليسي جائزي دوران اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ ۾ 50 بيسس پوائنٽس گهٽتائي ڪندي ان کي 10.5 سيڪڙو جي سطح تي آندو هو۔

واضح رھي تہ ناڻي جا مٽا سٽا وارا ذخيرا مقرر ھدفن موجب رھڻ سبب وياج جي شرح ۾ گھٽتائي جي اميد ڪئي پئي وڃي، جنھن تي اڄ اجلاس ۾ فيصلي جو امڪان آھي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں