آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ کيس ڪنهن بہ ايران تي حملو نه ڪرڻ لاءِ قائل ناهي ڪيو، پر هن پاڻ فيصلو ڪيو ته ايران تي حملو نہ ڪيو وڃي.
وائٽ ھائوس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي آمريڪي صدر چيو تہ گذريل ڏينهن ايران ۾ 800 ماڻهن کي ڦاسي ڏيڻ جو امڪان هو، پر ڪنهن کي به ڦاهي نه ڏني وئي، جيڪو ايران جو ھاڪاري قدم آهي ۽ مان ان جو احترام ڪيان ٿو.
ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ايران جي جوھري صلاحيت کي ختم ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۽ ڀارت سميت دنيا ۾ 8 وڏيون جنگيون روڪرايون آهن.
آمريڪي صدر چيو ته پاڪستاني وزيراعظم موجب انهن ڪوششن سان ڪروڙين جانيون بچايون ويون ۽ پاڪستاني وزيراعظم پاران سندس لاءِ چيل لفظن کي هو پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ٿو……..