آمريڪا پنهنجي شهرين کي فوري طور تي ايران ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ جاري احتجاج شدت اختيار ڪري رھيا آهن ۽ حالتون پر تشدد ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آھي.
آمريڪي سفارتخاني جي وارننگ ۾ چيو ويو آهي تہ ايران ۾ احتجاجن جي ڪري گرفتاريون، زخمي ٿيڻ، سيڪيورٽي قدمن، رستن جي بندش، ٽرانسپورٽ جي معطلي ۽ انٽرنيٽ جي بندش جھڙيون حالتون آهن، جن سان آمريڪي شهرين جي سلامتي کي خطرو آهي۔
سفارتخاني صلاح ڏني آهي تہ آمريڪي شهرين کي جيڪڏھن ممڪن هجي تہ زميني رستن ذريعي آرمينيا يا ترڪہ ڏانهن ايران ڇڏي وڃڻ گهرجي، گڏوگڏ انٽرنيٽ جي بندش جي سبب رابطي لاءِ متبادل انتظامات قائم ڪرڻ جي بہ هدايت ڪئي وئي آهي۔
ٻٽي شهريت رکندڙ آمريڪي-ايراني شهرين کي پڻ خبردار ڪيو ويو آهي تہ ايران ٻٽي شهريت کي تسليم نٿو ڪري، تنهنڪري انهن کي لازمي طور تي پنهنجي ايراني پاسپورٽ استعمال ڪندي ايران ڇڏڻ گهرجي۔
سفارتخاني وڌيڪ چيو آهي تہ جيڪي ماڻهو اڃا تائين ايران ۾ آهن، انهن کي احتجاجن کان پري رھڻ گهرجي، عوامي گڏجاڻين ۾ شامل نہ ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ کي محفوظ هنڌن تي رکڻ گهرجي۔…