تھران: ايراني پرڏيبھي وزير عباس عراقچي چيو آھي تہ اسان جنگ ۽ ڳالھيون ٻنھي لاءِ تيار آھيون.
ھڪ بيان ۾ ايراني پرڏيھي وزير چيو تہ ھفتي جي آخر ۾ تشدد ۾ اضافو ٿيو، دھشتگردن مظاھرين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو، پر ھاڻي صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾ آھي.
ھن چيو تہ گذريل ڪجھ ڏينھن ۾ ايران ۾ پرامن مظاھرا پر تشدد مظاھرن ۾ تبديل ٿيا، ٻن ھفتن مظاھرن دوران 350 مسجدن کي باھيون ڏنيون ويون پر ايراني فورسز پرتشدد مظاھرن دوران وڌ کان وڌ تحمل جو مظاھرو ڪيو، مظاھرين جا مطالبا جائز ھئا ۽ حڪومت ٻڌي رھي ھئي
ايراني پرڏيهي وزير چيو تہ ٽرمپ جي مداخلت واري ڳالهہ کان پوءِ احتجاج خوني ٿي ويا، جيئن مداخلت جو بهانو پيدا ڪري سگهجي.
ايراني پرڏيھي وزير وڌيڪ چيو تہ جنگ ۽ ڳالهين ٻنھي لاءِ تيار آھيون
ياد رھي تہ آمريڪي صدر ٽرمپ تازي بيان ۾ چيو تہ ايران ڳالھين لاءِ رابطو ڪيو آھي جنھن جا انتظام ڪيا پيا وڃن
ساڳي وقت ٽرمپ ڌمڪي پڻ ڏني تہ آمريڪا ايران ۾ فوجي ڪارروائي جي آپشنز تي غور ڪري رھيو آهي، جيڪا ڳالهين کان اڳ بہ ٿي سگهي ٿي….