نيويارڪ جو ميئر ظهران ممداني شهرين سان ملاقات دوران هڪ پاڪستاني عورت سان ملي لڙڪ لاڙي ويٺو.
ظهران ممداني ميئر چونڊجڻ کانپوءِ نيويارڪ جي 142 شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا ۽ شهر بابت تجويزون ٻڌيون.
ملاقات دوران ئي هڪ پاڪستاني عورت بہ ساڻس ملي، جنهن ظهران کي چيو تہ سندس انگريزي سُٺي ناهي، تنهنڪري هوءَ ڪجهہ لکي آئي آهي.
ان کانپوءِ هن ظهران ممداني کي مبارڪون ڏيندي چيو تہ ”هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي ماڻهو ڇڙ وڇڙ آهن، توھان ماڻهن ۾ نرم دلي پيدا ڪئي.“
عورت چيو تہ سندس نالو ثمينا آهي ۽ تعلق پاڪستان سان آهي، هن ظهران ممداني کان پڇيو تہ ڇا کيس اردو اچي ٿي، جنهن تي ظهران چيو تہ هو اردو پڙھي نٿو سگهي پر ڳالهائي سگهي ٿو.
ظهران ممداني عورت کان پڇيو تہ هوءَ پاڪستان جي ڪهڙي شهر سان واسطو رکي ٿي، جنهن تي هن چيو تہ لاهور، اهو ٻڌي نيويارڪ جي ميئر چيو تہ ”لاهور ڏاڍو خوبصورت شهر آهي ۽ مان بہ هڪ دفعو لاهور وڃي چڪو آهيان.“
عورت ظهران کي چيو تہ نيويارڪ بہ ڏاڍو خوبصورت شهر آهي، هتان جون عمارتون بہ خوبصورت آهن، پر توھان اچي ماڻهن جي سوچ بدلائي ڇڏي آهي، توھان جي اکين ۾ سچائي آهي جيڪا لڪي نٿي سگهي.
عورت جي اها ڳالهہ ٻڌي ظهران ممداني جذباتي ٿي لڙڪ لاڙي ويٺو.