اسلام آباد جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي رياستي ادارن خلاف ڊجيٽل دهشتگردي جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي عادل راجا، صابر شاڪر، وجاھد سعيد ۽ معيد پيرزادہ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.
اي ٽي سي اسلام آباد ۾ پراسيڪيوشن طرفان ڊيجيٽل دهشتگردي جي ڪيس ۾ مجموعي طور تي 24 شاهد پيش ٿيا، جج طاهر عباس سپرا ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌايو.
پراسڪيشن جي پاران راجا نويد حسين ڪيانِي عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏھن تہ جوابدارن طرفان گلفام اشرف ايڊووڪيٽ پيش ٿيو، عدالت پاران گلفام اشرف کي جوابدارن جو وڪيل مقرر ڪيو ويو ھو، دھشتگردي جي قانونن موجب جوابدارن جي غيرحاضري ۾ ٽرائل پڻ ٿي سگهي ٿو.
عدالت ڊجيٽل دهشتگردي جي ڪيس ۾ عادل راجا، حيدر مهدي، وجاهت سعيد، صابر شاڪر ۽ معيد پيرزادہ کي 2-2 ڀيرا عمر قيد جون سزائون ٻڌايو.
عدالت جوابدارن کي ٻين قلمن ۾ بہ مجموعي طور تي 35 سال قيد ۽ 15 لک رپيا ڏنڊ جون سزائون ٻڌايون.
عدالت پراسڪيوشن جي استدعا تي جوابدارن جي غيرموجودگي ۾ ٽرائل مڪمل ڪيو ھو ۽ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ھو.
ياد رھي تہ آبپارہ ٿاڻي جي ڪيس ۾ صابر شاڪر، معيد پيرزادہ ۽ سيد اڪبر حسين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي جڏھن تہ شاھين صبھائي، حيدر مھدي ۽ وجاھت سعيد کي بہ سزا ٻڌائي وئي، رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن ۾ شاھين صبھائي، حيدر مھدي ۽ وجاھد سعيد کي سزا ٻڌائي وئي…..