ڪراچي: حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي ڪربلا ۾ يزيدي لشڪر جي هٿان شهادت واري ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ شبيههِ علم، تابوت ۽ ذوالجناح جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن۔
چوڏهن سئو سال اڳ پيش آيل سانحي ڪربلا جي ياد ۾ سڄي ملڪ ۾ مجلسونِ عزا منعقد ٿي رهيون آهن ۽ ماتمي جلوس برآمد ڪيا پيا وڃن۔
ڪربلا ۾ ٽن ڏينهن جي بک ۽ اڃ کان پوءِ حضرت امام حسينؓ ۽ سندن ساٿين جي شهادت جي ياد ۾ نياز ۽ سبيلن جو اهتمام ڪيو ويو آهي۔
يومِ عاشورا تي ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس نشتر پارڪ ۾ مجلسِ عزا کان پوءِ برآمد ٿي رهيو آهي۔
لاهور ۾ نثار حويلي، اندرون موچي گيٽ مان نڪتل جلوس ڪربلا گامے شاهه ڏانهن روان دوان آهي، جنهن ۾ هزارين عزادار مرد، عورتون ۽ ٻار شرڪت ڪري رهيا آهن۔
ان کان علاوه ملتان، پشاور، ڪوئيٽا، اسلام آباد، راولپنڊي، گلگت، اسڪارڊو، مظفرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ عاشوري جا جلوس برآمد ٿي رهيا آهن۔
ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن۔