آمريڪا جي شهر نيويارڪ جي پهرين مسلمان ميئر ظھران ممداني قرآن پاڪ تي ھٿ رکي عھدي جو حلف کڻي ورتو آھي.
تي عهدو جو حلف وٺي ورتوظهران ممداني سٽي هال نيويارڪ ۾ پنهنجي عهدي جو حلف ورتو، جتي هن قرآن پاڪ تي حلف کنيو.
نيويارڪ جي اٽارني جنرل ليٽيا جيم ظھران ممداني کي عهدي جو حلف کڻايو،انهي موقعي تي ظھران ممداني جي زال بہ موجود هئي.
ياد رھي تہ ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ ظھران ممداني 4 نومبر 2025ع تي ٿيندڙ ميئر جي اليڪشن ۾ 50.78 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ هو نيويارڪ جا 112هون ميئر چونڊيو ھو.
ظھران ممداني نيويارڪ جو پهريون مسلمان ميئر آھي ۽ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهن کي اليڪشن کان اڳ نسلي تعصب جو نشانو به بڻايو هو، پر اليڪشن ۾ ريپبلڪن اميدوار جي شڪست کانپوءِ ٽرمپ نہ رڳو ظھران ممداني کي مبارڪباد ڏني پر ان سان گڏجي نيويارڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جو بہ يقين ڏياريو……..