تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ٻيهر حملو ڪرڻ جي ڌمڪي کانپوءِ امڪاني حملي تي سخت ردعمل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي تہ ڪنهن بہ جارحيت خلاف ايران جو جواب سخت هوندو۔
ايراني صدر مسعود پزشڪيان “ايڪس” تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو تہ ايران ڪنهن بہ ناجائز جارحيت جي جواب ۾ شديد ردعمل ڏيندو۔
ان کانسواءِ ايراني پارليامينٽ بہ دفاع جي حق ۾ عزم جو اظھار ڪيو آھي
پارلياماني اسپيڪر محمد باقر چيو آهي تہ ايران پنهنجي دفاع لاءِ ڪنهن کان بہ اجازت وٺڻ جو محتاج ناهي، ڪنهن به مھم جوئی خلاف ايراني عوام جو ردعمل سخت ھوندو۔
ياد رھي تہ گذريل رات آمريڪي صدر ٽرمپ، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات دوران ايران جي پاران جوھري پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جي صورت ۾ ايران تي حملن جي حمايت ڪئي هئي۔
فلوريڊا ۾ ملاقات کانپوءِ ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران ٻيهر جوهري تنصيبات ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ايران اهڙو عمل جاري رکيو ته فوري حملن جي حمايت ڪنداسين۔
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران جوهري پروگرام ٻيهر تعمير ڪري ٿو ته پوءِ اسان کي انهن کي روڪڻو پوندو۔…