ميڪسيڪو جي ڏکڻ اولھہ واري علائقي اوساکا ۾ ٽرين جي حادثي ۾ 13 ماڻهو فوت ۽ 98 زخمي ٿي ٿيا آھن.
ميڊيا رپورٽن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏھن ٽرين اوساکا جي علائقي نزندا ويجهو موڙ پار ڪندي پٽري تان لهي وئي.
حادثي وقت ٽرين ۾ 241 مسافر ۽ 9 عملي جا ميمبر سوار هئا، زخمي ٿيندڙن مان 5 جي حالت ڳڻتي ٻڌائي پئي وڃي، ريسڪيو اهلڪارن بروقت ڪارروائي ڪندي ٻين مسافرن کي ٽرين مان ڪڍي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو.
اوساکا جي گورنر حادثي تي گهرو ڏک ۽ افسوس ظاهر جو ڪندي چيو تہ متاثرن جي مدد لاءِ رياستي ۽ وفاقي ادارا گڏجي ڪم ڪري رھيا آهن.
اختيارين پاران حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آھي……..