خيبرپختونخوا مان فوجي ھلي وئي تہ پي ٽي آءِ 2 ڏينھن بہ صوبو نہ سنڀالي سگھندي: فيصل ڪريم ڪنڊي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي تہ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، جيڪڏھن فوج صوبي مان نڪتي تہ ھي 2 ڏينھن بہ صوبو نٿا سنڀالي سگھن.

پريس ڪلب ۾ ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو تہ خيبرپختونخوا ۾ امن و امان لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن لازمي آهن ۽ صوبائي حڪومت کي ان حوالي سان مڪمل سهڪار ڪرڻ گهرجي، جيڪڏھن صوبو پرامن نہ هوندو ته ڪاروبار ۽ معيشت ڪيئن هلندي؟

هن وڌيڪ چيو تہ سياسي فيصلن جو حل سياست ذريعي ئي نڪرڻ گهرجي ۽ اسان جي ڪوشش آهي تہ سڀ سياسي معاملا ڳالهين ۽ جمهوري عمل سان طئي ڪيا وڃن.

هن چيو تہ اتحادي ۽ اپوزيشن جماعتن کي هڪ ميز تي گڏ ڪيو آهي، ڇو تہ ملڪ کي هن وقت ڏڦيڙ نہ، پر استحڪام جي ضرورت آهي۔

هن 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو تہ اهڙا واقعا هرگز نہ ٿيڻ گهرجي ها، ماضي ۾ بہ ڀٽو جي ڦاسي ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت جهڙن وڏن سانحن کانپوءِ بہ اسان پرامن رويو اختيار ڪيو ۽ نظام جي اندر رھي حل ڳوليو.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو تہ اسان جمهوري طريقي سان آصف علي زرداري کي ٻيهر صدر چونڊيو، جڏھن تہ ته نئين ليڊر آف اپوزيشن جو نالو بہ پي ٽي آءِ طرفان ڏنو ويو۔

گورنر ڪي پي ڪي غيرقانوني رھندڙ افغان شهرين کان مطالبو ڪيو تہ اهي واپس وڃن ۽ ايندڙ وقت ۾ ويزا سان پاڪستان اچن.

هن چيو تہ وفاق هر معاملي ۾ صوبائي حڪومت سان گڏ آهي ۽ گاريون ڏيڻ سان مسئلا ناھن ٿيندا، پي ٽي آءِ جي قيادت تي تنقيد ڪندي ھن چيو تہ هڪ پاسي ڳالهين جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻي پاسي انڪار ڪيو وڃي ٿو، جڏھن تہ اڊيالا جيل ۾ ويٺل شخص سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.

هن وڌيڪ چيو تہ ڀارت کي جنگي ميدان ۾ شڪست ملي، ڀارت جو هٿيارن ۽ فوج تي ناز مٽي ۾ ملي ويو ۽ دنيا اسان جي فيلڊ مارشل جي تعريف ڪري رھي آهي.

آخر ۾ هن چيو تہ جيڪو شخص جيل ۾ آهي اهو پنهنجي ڪُرتوتن سبب اتي پهتو آهي، ڪنهن بہ کيس زبردستي جيل ناھي موڪليو…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں