اسلام آباد: وفاقي حڪومت عالمي مالياتي اداري، آءِ ايم ايف جي ھڪ ٻي شرط پوري ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جي عمل کان ٻاھر نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
ذريعن موجب وفاق ۽ صوبا رڳو ڪڻڪ جو ايمرجنسي اسٽاڪ پاڻ وٽ رکي سگھندا، وفاق ۽ صوبا سموري سال لاءِ 62 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ئي ذخيرو ڪنا، اسٽريٽجڪ ذخيرن جي خريداري بہ وفاق بدران خانگي ڪمپني ڪندي.
ذريعن موجب وفاق 15 لک ميٽرڪ ٽن، پنجاب 25 ۽ سنڌ 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو رکندا، خيبرپختونخوا ساڍا 7 لک ۽ بلوچستان 5 لک ٽن ڪڻڪ ذخيرو ڪري سگھندا، وفاق ۽ صوبن لاءِ ڪڻڪ خانگي ڪمپني خريد ڪندي.
ذريعن موجب صنعت ۽ پيداوار واري وزارت موجب فناسنگ ۽ ڪڻڪ رکڻ جي ذميوار بہ ڪمپني ھوندي، وفاق رڳو سروسز چارج ڏيندو، حڪومت کي 570 ارب رپين جي ساليانو بچت جو ڪاٿو آھي.
ذريعن موجب غذائي تحفظ واري وزارت سروسز چارجز لاءِ 30 ارب رپيا مختص ڪيا آھن، ڪڻڪ جي سرپورٽ پرائس سسبڊي نہ ھوني، قيمتن جو تعين عالمي مارڪيٽ موجب ٿيندو، غذائي تحفظ واري وزارت عالمي بينچ مارڪ کي نظر ۾ رکندي قيمت طئي ڪندي.
آءِ ايم ايف وفاقي حڪومت کي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ کان بہ روڪيو آھي، پھريان وفاق ڪڻڪ جي خريداري لاءِ بينڪ گارنٽي ڏيندو ھو، پاسڪو خريداري ڪندي ھئي، پاسڪو کي ادائيگي بروقت نہ ٿيڻ سان فوڊ سيڪٽر جو گردشي قرض 270 ارب رپيا ٿي چڪو آھي………