پاڪ فوج ڀارت کي اھو سڀ سيکاريو جيڪو ھو سدائين ياد رکندو: وزيراعظم شھباز شريف

فہرستِ مضامین

مظفر آباد : وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تہ پاڪ فوج ڀارت کي اھو سبق سيکاريو جيڪو ھو سدائين ياد رکندو.

آزاد ڪشمير جي شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورھائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو تہ ڀارت سان جنگ دوران ڪشميرين سميت سڄي پاڪستان پاڪ فوج لاءِ دعائون ڪيون، جنھن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج دشمن کي اثرائتو جواب ڏنو ۽ سبق سيکاريو.

هن چيو تہ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ آزاد ڪشمير جي ماڻهن عظيم قربانيون ڏنيون آهن، ڪشميري عوام هميشہ “ڪشمير بڻجندو پاڪستان” جو نعرو ھنيو آهي، والاريل ڪشمير ضرور آزاد ٿي پاڪستان بڻجندو.

شهبازشريف چيو تہ نوجوانن کي جديد تعليم پهرين ترجيح آهي، اسپيشل چائلڊ افشين زاهد جي جدوجهد ۽ ڪاميابي ساراهہ جوڳي آهي، صلاحيت ۽ محنت جسماني ڪمزوري جي محتاج ناهن، محنت وسيلي هر فرد کي معاشري ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ جا موقعا ملندا۔

هن چيو تہ ماضي ۾ ڪجهہ عنصرن ليپ ٽاپ اسڪيم تي تنقيد ڪئي، جيڪڏھن ليپ ٽاپ رشوت هجي ها تہ انهن پروگرامن وسيلي هزارين نوجوان ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد ۽ سائنسدان نہ بڻجن ها۔

شهباز شريف چيو تہ ڪورونا دوران ليپ ٽاپن جي ڪري روزگار جاري رھيو ۽ شاگردن تعليم بہ حاصل ڪئي، محنت ۽ جدوجهد ذريعي اسان کي پاڪستان کي هڪ عظيم رياست بڻائڻو آهي، توھان پنهنجي ذات، معزز استادن، والدين ۽ سڄي قوم لاءِ هڪ ستارو آهيو۔

وزيراعظم چيو تہ ليپ ٽاپس جي فراهمي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي محنت جو اعتراف آهي، ليپ ٽاپ رڳو هڪ مشين ناهي پر هڪ ويزن آهي، جڏھن نواز شريف وزيراعظم ھو تہ ھن بہ لکين ليپ ٽاپ ورھايا هئا۔

هن چيو تہ آزاد ڪشمير ۾ چئن دانش اسڪولن جي منظوري ڏني وئي آهي، اسڪولن جي تعمير جلد مڪمل ٿي ٿيندي.

شهباز شريف چيو تہ دانش اسڪولن جو معيار عالمي سطح جي ادارن جي برابر ئي نہ پر انهن کان بہ بهتر هوندو، دانش اسڪولن ۾ غريب ۽ هوشيار شاگردن کي جديد سهولتن سان گڏ مفت تعليم ڏني ويندي۔

هن چيو تہ آزاد ڪشمير ۾ دانش يونيورسٽي پڻ قائم ڪئي ويندي، جيڪا ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ادارو هوندي، اي آءِ، آئي ٽي، ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ جديد ليبارٽرين تي خاص ڌيان ڏنو ويندو۔

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ايجوڪيشن اينڊومنٽ فنڊ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو، هن چيو تہ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ جي قابل شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون…………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں