وفاقي حڪومت جو ملڪ ۾ جلد 5 جي سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : حڪومت ملڪ ملڪ ۾ جلد 5 جي سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي

آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزا فاطمہ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ جلد پاڪستان ۾ 5 جي متعارف ڪرائي ويندي، ايندڙ چئن کان 6 مھينن دوران سمورو عمل مڪمل ڪيو ويندو.

شزا فاطمہ چيو تہ انٽرنيٽ ئي پوري ڊجيٽل نظام جي بنياد آهي، انٽرنيٽ جي اسپيڊ سان گڏ ان جي پھچ بہ وڌائي وڌائينداسين.

آئي ٽي واري وزير شزا فاطمہ وڌيڪ چيو تہ 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم جي آڪشن ڪرڻ جو ارادو آهي، ڪوشش آهي تہ فروري 2026 جي پهرين هفتي ۾ آڪشن مڪمل ٿي وڃي.

وفاقي وزير جو چوڻ ھو تہ اسپيڪٽرم ايڊوائزري ڪميٽي جون سفارشون جلد ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر سميت ٻين ڌرين سان مشاورت کي يقيني بڻايو ويندو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں