وزيراعظم پي ٽي آءِ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڳالھين جي آڇ ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، ساڳئي وقت وزيراعظم چيو آھي تہ پي ٽي آءِ سان رڳو جائز مطالبن تي ئي ڳالهيون ٿينديون، ڳالهين جي اوٽ ۾ بليڪ ميلنگ نہ هلندي۔

ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو تہ اڳ بہ پي ٽي آءِ قيادت کي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪا آهيون، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياسي جماعتن وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي۔

وزيراعظم قومي ايئرلائن جي نجڪاري کي اهم قرار ڏيندي چيو تہ هي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٽرانزيڪشن آهي، جنهن ۾ شفافيت جو پورو خيال رکيو ويو آهي۔

وزيراعظم شهباز شريف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير کي سعودي عرب پاران اعليٰ ترين اعزاز ڏيڻ جي ساراهہ ڪندي چيو تہ فيلڊ مارشل کي ملندڙ هي ايوارڊ پوري قوم جو ايوارڊ آهي۔

هن چيو تہ حڪومت سياسي هم آهنگي لاءِ سڀني جماعتن سان ڳالهين جي اصولي موقف تي قائم آهي، ذاتي طور تي سڀني سياسي جماعتن کي ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي آڇ ڏني آهي ۽ ڳالهين جي اوٽ ۾ امن ۽ امان کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن بہ ڪوشش کي ڪامياب نہ ٿيڻ ڏنو ويندو۔

وزيراعظم جو چوڻ آهي تہ قومي ايئر لائن جي شفاف نجڪاري واري عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رھي آهي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں