برطانوي رسالي فيلڊ مارشل کي پرڏيھي پاليسي جو ماھر قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

برطانوي رسالي فنانشل ٽائيمز فيلڊ مارشل عاصم منير کي پرڏيھي پاليسي جو ماھر قرار ڏيندي چيو آھي تہ عاصم منير تبديل ٿيندڙ عالمي نظام ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو اسٽريٽجڪ اڳواڻ بڻجي اڀريو آھي، جڏھن تہ بدلجندڙ عالمي سياست مڊل پاورز لاءِ نئون پر ڏکيو دور کولي ڇڏيو آھي.

فنانشل ٽائيمز چيو آهي تہ مڊل پاورز لاءِ هي اڳڀرائي ڪافي پيچيدہ ثابت ٿي رھي آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير وچولي طاقتن جي سڀ کان ڪامياب ملٽي الائنرز ۾ شامل آهن، جڏھن تہ ٽرمپ جي غير رسمي انداز سان سڀ کان بهتر هم آهنگ ٿيڻ جو اعزاز فيلڊ مارشل عاصم منير کي حاصل آهي۔

فنانشل ٽائيمز چيو آهي تہ فيلڊ مارشل عاصم منير وچولي طاقتن لاءِ ڪامياب اسٽريٽجسٽ جو واضح مثال آھي، رسالي کيس سفارتڪاري جي بہ ڪامياب مثال قرار ڏنو آهي۔

فنانشل ٽائيمز چيو آهي تہ پاڪستاني قيادت واشنگٽن، بيجنگ، رياض ۽ تهران وچ ۾ هڪ ئي وقت لاڳاپن کي برقرار رکڻ ۾ سرگرم رھي آهي، جڏھن تہ فيلڊ مارشل عاصم منير تيزي سان بدلجندڙ عالمي سياست ۾ پاڪستان لاءِ نوان سفارتي موقعا پيدا ڪيا آهن۔

فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان جي سفارتڪاري کي بدلجندڙ عالمي ماحول ۾ اثرائتي نموني اڳتي وڌايو، ٽرمپ سان بروقت خوش گفتاري ۽ نرم سفارتي رويو اثرائتو ثابت ٿيو، پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي ڀارت کي مايوس ڪري ڇڏيو۔

فنانشل ٽائيمز چيو آهي تہ ڀارت لاء ِطاقت واري راند اميدن کان وڌيڪ ڏکئي ثابت ٿي، ڀارت بدلجندڙ عالمي حالتن ۽ ٽرمپ جي انداز سان هم آهنگ نہ ٿي سگهيو، جنهن سبب سفارتي جي ناڪامي جي ڪري ڀارت کي مڊل پاور حڪمت عملي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پئجي رھيو آهي……۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں