بغداد : صدر آصف علي زرداري بغداد ۾ مقدس جڳهين تي حاضري ڀري دعا گھري، صدر آصف علي زرداري حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رح جي مزار تي فاتحہ خواني ڪئي.
ان کانسواءِ آصف علي زرداري ڪاظميہ مقدس ۾ امام موسيٰ الڪاظم ۽ امام محمد تقي عہ جي مزارن تي حاضري ڀري.
صدر آصف زرداري روضہ ڪاظميہ ۾ مسلمان امت لاءِ امن، اتحاد ۽ سلامتي جي لاءِ دعا ڪئي، جنهن کان پوءِ هن زائرين جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا، آصف علي زرداري امام اعظم ابو حنيفہ جي مزار تي بہ حاضري ڀري.
صدر آصف علي زرداري سمورن مزارن جي منتظمين ۽ مبلغبين سان بہ ملاقاتون ڪيون….