عدالتي بالادستي ختم ڪري ڇڏي ، وس هلي ها تہ آئين بہ معطل ڪري ڇڏيو ها: لاھور ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جا رمارڪس

فہرستِ مضامین

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليا نيلم هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري پنجاب کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا تہ توھان عدالتي بالادستي کي ختم ڪري ڇڏيو، جيڪڏھن وس هلي ها تہ آئين بہ معطل ڪري ڇڏيو ها.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب پراپرٽي آنرشپ آرڊيننس خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عاليا نيلم، عابده پروين سميت ٻين جون درخواستون ٻڌيون.

عدالت پنجاب پراپرٽي آنرشپ آرڊيننس تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو، سمورين درخواستن تي اعتراض ختم ڪري فل بينچ ٺاهڻ جي سفارش ڪئي، عدالت آرڊيننس تحت ڏنل قبضا بہ واپس ڪرائي ڇڏيا.

عدالتي حڪم تي چيف سيڪريٽري پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو، چيف جسٽس عاليا نيلم ريمارڪس ڏنا تہ حڪومت کي ٻڌايو تہ جيڪڏھن هي قانون باقي رھيو تہ جاتي امرا بہ اڌ ڪلاڪ خالي ڪرائي سگھجي ٿو، ظاھري طور ڪجھ ماڻھو سمورا اختيار پنھنجي ھٿ ۾ وٺڻ چاھين ٿا.

عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو تہ ايڊووڪيٽ جنرل ڇو نہ آيو؟ سرڪاري وڪيل ٻڌايو تہ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب بيمار آهن، تنهنڪري پيش نہ ٿي سگهيو، ان تي چيف جسٽس چيو ته مان بہ بيمار آهيان، مون کي بيڊ ريسٽ جي صلاح ڏني وئي آهي پر پوءِ بہ هتي ويٺي آهيان.

چيف جسٽس چيو تہ چيف سيڪريٽري صاحب! لڳي ٿو توھان هي قانون پڙھيو ئي ناهي؟ لڳي ٿو ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته سڀ اختيار انهن کي ڏنا وڃن، هي قانون ڇو ٺاهيو ويو آهي؟ ان جو مقصد ڇا آهي؟

عدالت سوال ڪيو ته معاملو سول ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ هجي ته روينيو آفيسر ڪيئن قبضو ڏياري سگهي ٿو؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان سول سيٽ اپ، سول رائٽس کي ختم ڪري ڇڏيو، توهان عدالتي سپرميسي کي ختم ڪري ڇڏيو، توهان جو وس هلي ها ته آئين کي به معطل ڪري ڇڏيو ها.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں