راولپنڊي : خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 9 دهشتگرد مارجي ويا آھن.
آءِ ايس پي آر موجب 19 ڊسمبر تي سيڪيورٽي فورسز طرفان ٻن مختلف ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافتا 9 دهشتگردن کي ماريو ويو.
خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.
ٻي ڪارروائي بنون ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 5 خارجين کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو، اهي سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگردي ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.