واشنگٽن : آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪ روبيو چيو آهي تہ غزا اسٽيبلائزيشن فورس لاءِ پنهنجي فوج موڪلڻ واري آڇ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.
پريس ڪانفرنس ڪندي مارڪ روبيو چيو ته غزا اسٽيبلائزيشن فورس جو حصو بڻجڻ جي آڇ يا گهٽ ۾ گهٽ ان تي غور ڪرڻ لاءِ پاڪستان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون.
هن چيو تہ پاڪستان ان حوالي سان هڪ اهم ملڪ آهي، جيڪڏھن پاڪستان ان معاملي تي متفق ٿئي ٿو، جڏھن تہ فورس جي مينڊيٽ، ڪمانڊ ۽ فنڊنگ وارن معاملن تي بحث جاري آهي.
سندس چوڻ هو تہ ايندڙ مرحلو بورڊ آف پيس ۽ فلسطين ٽيڪنوڪريٽ گروپ جو قيام آهي، جيڪو روزاني بنيادن تي گورننس جا معاملا سنڀاليندو.
مارڪ روبيو موجب، ”جڏھن اهي معاملا طئي ٿي ويندا تہ ان کانپوءِ مان سمجهان ٿو تہ ان سان اسان کي اسٽيبلائزيشن فورس کي مضبوط بڻائڻ جي اجازت ملندي، جنهن ۾ اهو بہ شامل هوندو تہ ان جي ادائيگي ڪيئن ڪئي ويندي، ان جي ڪم جا ڪهڙا اصول هوندا ۽ غير فوجي معاملن ۾ ان جو ڪهڙو ڪردار هوندو وغيرہ….