اسلام آباد : توشا خانا ٽو ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گھرواري بشريٰ بي بي کي مجموعي طور تي 17-17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
اسپيشل جج سينٽرل ارجمند شاھ اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي موجودگي ۾ توشا خانا ٽو ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، ٻنھي جوابدارن جو ڪو بہ وڪيل عدالت نہ پھتو.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي پي پي سي شق 409 تحت 7-7 سال قيد جي سزا ڏني وئي، ٻنھي کي مجموعي طور تي 17 سال سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ھڪ ڪروڙ 64 لک رپيا ڏنڊ جي بہ سزا ٻڌئي آھي.
واضح رھي تہ 13 جولاءِ 2024 تي نيب توشا خانا ٽو ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي گرفتاري ظاھر ڪئي ھئي، عمران خان ۽ بشري بي بي 37 ڏينھن تائين اڊيالا جيل ۾ نيب جي تحويل ھيٺ رھيا، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد نيب 20 آگسٽ تي احتساب عدالت ۾ توشا خانا ٽو جو ريفرنس داخل ڪيو ھو.
سپريم ڪورٽ مان نيب ترميمون بحال ٿيڻ واري فيصلي کانپوءِ 9 سيپٽمبر 2024 تي توشا خانا ٽو ڪيس ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن عدالت منتقل ٿيو.
ايف آءِ اي توشا خانا ٽو ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ جي شَق 5 ۽ پي پي سي جي قلم 409 شامل آھن.
16 سيپٽمبر 2024 تي توشا خانا ٽو ڪيس جو ٽرائل شروع ٿيو، اسپيشل جج سينٽرل شاھ رخ ارجمند 16 سيپٽمبر تي توشا خانا ٽو ڪيس جي پھرين ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ھلائي.
23 آڪٽوبر 2024 تي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي توشا خانا ٽو ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي،24 آڪٽوبر 2024 تي بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.
توشا خانا ٽو ڪيس ۾ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ 2 نومبر تي باني پي ٽي آءِ جي ضمانت منظور ڪئي، جڏھن تہ 12 ڊسمبر 2024 تي توشا خانا ٽو ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
توشا خانا ٽو ڪيس جو ٽرائل تقريبن ھڪ سال اڊيالا جيل ۾ ھليو، ڪيس ۾ ٽوٽل 21 شاھد شامل ھئا، 18 گواھن جا بيان رڪارڊ ڪري جرح مڪمل ڪئي وئي.
توشا خانا ٽو ڪيس جون تقريبن 80 کان وڌيڪ ٻڌڻيون اڊيالا جيل ۾ ٿيون، سرڪاري پاران وفاقي پراسيڪيوٽر ذاولفقار عباسي نقوي، بئريسٽر عمير مجيد ملڪ، بلال بٽ ۽ شاھويز گيلاني ڪيس جي پيروي ڪئي، جڏھن تہ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو ڪيس سندس وڪيل ارشد تبريز، قوثين فيصل مفتي ۽ بئريسٽر سلمان صفدر وڙھيو.
اھم شاھدن ۾ اڳوڻو ملٽري سيڪريٽري برگيڊيئر ( ريٽائرڊ) محمد احمد، پرائيوٽ اپريزر صھيب عباسي ۽ عمران خان جو اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري انعام اللہ شامل ھئا، ايف آءِ اي پراسيڪيوشن ٽيم چئن گواھن کي تُرڪ ڪري ڇڏيو ھو.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي الزام آھي تہ انھن 2021 ۾ سعودي ولي عھد کان بُلڪاري جيولري جو سيٽ وصول ڪيو،ايف آءِِ اي رڪار ڊموجب جيولري سيٽ جي ڪُل قيمت 7 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ھئي.
رڪارڊ موجب جيولري سيٽ جو رڪارڊ پرڏيھي وزارت کان حاصل ڪيو ويو، جوابدارن پرائيوٽ فرم کان يلغاري سيٽ جي قيمت 59 لک رپيا لڳرائي، جيولري سيٽ ۾ نيڪليس، بريسليٽ، مُنڊي ۽ والا شامل ھئا.
جوابدارن پاران سعودي ولي عھد کان وصول ڪيل تحفو توشا خانا ۾ جمع ناھي ڪرايو ويو، قيمت جو تعين پرائيوٽ اپريز صھيب ۽ بعد ۾ ڪسٽم اختيارين ذريعي ڪيو ويو.