آبي جارحيت تي باضابطا رابطو، پاڪستان چناب جي پاڻي ۾ لاٿ تي ڀارت کان وضاحت گھري ورتي

فہرستِ مضامین

ڀارت جي آبي جارحيت تي پاڪستان جو ڀارت سان باضابطا رابطو ڪيو آھي.

پاڻي معاملن واري وزارت موجب سنڌ طاس معاملي بابت پاڪستاني ڪمشنر باضابطا طور تي ڀارت سان معاملو اٿاريو آھي ۽ پاڪستان چناب ۾ پاڻي جي غيرمعمولي گھٽتائي تي ڀارت کان وضاحت گھري ورتي آھي.

پاڪستان موقف اختيار ڪيو آهي تہ سنڌ طاس معاهدي تحت ڊيڊ اسٽوريج خالي ڪرڻ منع آهي.

پاڻي معاملن واري وزارت موجب 17 ڊسمبر کان چناب جي وھڪرن ۾ واضح بھتري شروع ٿي، آبپاشي کاتي پاران چناب جي مسلسل نگراني جاري آھي ۽ چناب دريصاھ ۾ پاڻي جي وھڪرن ۾ غيرمعمولي گھٽتائي بعد استحڪام آيو آھي.

پاڻي معاملن واري وزارت جو چوڻ آھي تہ مرالہ واري ھنڌ چناب جا وھڪرا ٻيھر معمول تي اچي رھيا آھن، پر 10 کان 16 ڊسمبر تائين چناب ۾ گذريل 10 سالن جي تاريخي سطح کان گهڻو گهٽ وهڪرو رڪارڊ ٿيو ۽ چناب ۾ گهٽ ۾ گهٽ وهڪرو 870 ڪيو سيڪ تائين گھٽ ٿيو ھو.

ياد رهي ته ڀارت پاران پاڪستان خلاف آبي جارحيت جو سلسلو جاري آهي ۽ چناب درياهه جو پاڻي روڪڻ بعد جهلم درياهه ۾ به پاڻي جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

ياد رھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ پھريان ڀارت اوچتو بغير اطلاع جي چناب ۾ 80 لک ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ھو، جنھن ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ آئي ھئي……….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں