اجلاس دوران وفاقي وزير عليم خان ۽ سينيٽر پلوشا خان ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ سينيٽر پلوشا خان جي وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنھي ھڪٻئي خلاف انتھائي سخت موقف اختيار ڪيو.

مواصلات بابٽ سينيٽ جي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي وزير عليم خان ۽ سينيٽر پلوشا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، سينيٽر پاران وزارت جي ڪارڪردگي ۽ ھڪ روڊ بابت سوال ڪرڻ تان ٻنھي ۾ منھن ماري ٿي.

اجلاس ۾ وفاقي وزير چيو تہ دنيا جھان جا بي ايمان ھتي جمع آھن، ھن پلوشا خان کي مخاطب ٿيندي چيو تہ مان توھان جا ڪرتوت سڀني جي سامھون رکندس، توھان کي مونسان ايئن ڳالھائڻ جي جرئت ڪيئن ٿي؟

پلوشا خان وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته ”تون آهين ڪير آهين اهڙي قسم جي ڳالهه ڪرڻ وارو؟

جنهن تي عبدالعليم خان جواب ڏيندي چيو ته ”توهان عزت ڪندئو ته اسان به توهان جي عزت ڪنداسين، توهان ذات تي آڱريون کڻو ٿا.

وفاقي وزير عبدالعليم خان پلوشا خان کي ”شٽ اپ“ چيو جنهن تي پلوشا خان جواب ۾ کيس”يو شٽ اپ“چيو

سينٽر پلوشه خان چيو ته سوال ڪرڻ تي وزير ڪاوڙجي پيو آھي ڇو جو ھو شرمند آھي، هن مطالبو ڪيو تہ وفاقي وزير جي رويي تي ڪميٽي رولنگ ڏئي.

پلوشا خان ڪميٽي چيئرمين کي چيو ته جيڪا بدتميزي وزير ڪئي آهي، ان تي رولنگ ڏني وڃي ۽ سوال ڪيو ته ڇا نجي هائوسنگ سوسائٽي جو نالو وٺڻ ڏوهه آهي.

ميمبرن جي پاڻ ۾ جهيڙي کانپوءِ ڪميٽي چيئرمين مداخلت ڪئي ۽ وفاقي وزير پنھنجي رويي تي معافي ورتي.

ان دوران سينيٽر پرويز رشيد پلوشا خان ۽ عبدالعليم خان کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر سندس ڪوششون ناڪام رهيون.

سينيٽر پلوشا خان چيو تہ ھو ان معاملي کي پارٽي سطح تي اٿاريندي، ھن مطالبو ڪيو تہ وزيراعظم اھڙي وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏيڻ گھرجي ڇو جو اھڙا وزير بدنامي جو سبب بڻجندا آھن……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں