پاڪ ڀارت جنگ تي گڏيل قومن جي ماھرن جي رپورٽ، پاڪستان جي موقف جي تائيد

فہرستِ مضامین

نيويارڪ : گڏيل قومن خاص ماهرن هلندڙ سال مئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ بابت پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪندي ڀارت جي حملي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو .

گڏيل قومن جي ماهرن پاڪ-ڀارت جنگ بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ڀارت جي هڪ طرفي قدمن تي سخت اعتراض واريا ويا آهن، ماهرن جي رپورٽ ۾ پهلگام حملي جي مذمت ڪندي چيو ويو آهي تہ پاڪستان حملي ۾ ملوث هئڻ جي ترديد ڪئي ۽ اڻڌري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تہ 7 مئي 2025 تي ڀارت “ آپريشن سندور” جي نالي سان پاڪستان جي حدن ۾ فوجي طاقت جو استعمال ڪيو، جيڪو گڏيل قومن چارٽر جي خلاف آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ ڀارت يو اين چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت سيڪيورٽي ڪائونسل کي اطلاع نه ڏنو، اڳواٽ اطلاع نہ ڏيڻ طريقيڪار جي ڀڃڪڙي آهي.

رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ڀارتي حملن دوران شهري علائقا متاثر ٿيا، مسجدن کي نقصان پھتو ۽ ڪيترائي شھري مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا، گڏيل قومن جي ماھرن موجب دهشتگردي جي نالي تي هڪ طرفي فوجي ڪارروائي جو ڪو بہ حق بين الاقوامي قانون ۾ تسليم ٿيل ناهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو تہ ڀارت پھلگام حملي ۾ پاڪستان جي رياستي سطح تي شموليت جا ڪي بہ اعتبار جوڳا ثبوت پيش ڪڻ ۾ ناڪام رھيو ، ماھرن موجب جيڪڏھن طاقت جو استعمال غيرقانوني آھي تہ ھي بنيادي انساني حق زندگي جي ڀڃڪري جي زمري ۾ اچي ٿو.

گڏيل قومن جي ماھرن خبردار ڪيو تہ اھڙا قدم خطي ۾ وڏي فوجي ٽڪر جو خطرو پيدا ڪري سگھن ٿا، رپورٽ ۾ چيو ويو تہ جيڪڏھن ڀارتي ڪارروائي کي ھٿياربند حملو تصور ڪيو وڃي تہ عالمي قانون تحت پاڪستان کي دفاع جو حق حاصل ھوندو.

ماھرن ڀارتي قدم کي پاڪستان جي خودمختياري، علاقائي سلامتي ۽ عدم مداخلت جي عالمي اصولن جي ڀڃڪڙيون قرار ڏنو آھي.

سنڌ طاس معاھدي جي ڀڃڪڙي تي بہ ڀارت خلاف چارج شيٽ جاري

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارتي قدم پاڪستان جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي آهن، ڀارتي قدم مداخلت نه ڪرڻ وارن اصولن جي به کليل ڀڃڪڙي آهن، سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي به ڀارت خلاف چارج شيٽ جاري ڪئي وئي آهي.

گڏيل قومن جي خاص ماهرن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ طاس معاهدي کي ”هيلڊ ان ايبينس“ ڪرڻ بابت ڀارت جي اعلان تي سخت ڳڻتي آهي، پاڻي جي وهڪري ۾ رنڊڪ يا ان بابت ڌمڪي ڪروڙين پاڪستانين جي بنيادي حقن کي متاثر ڪري ٿي، پاڻي، خوراڪ، روزگار، صحت، ماحول ۽ ترقي جا حق ان فيصلي جي نتيجي ۾ خطري ۾ پئجي وڃن ٿا.

رپورٽ موجب، سرحد پار پاڻي جي حقن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ لازمي آهي، پاڻي کي سياسي يا معاشي دٻاءَ جو ذريعو نٿو بڻائي سگهجي، ڪا به ڌر هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو معطل نٿي ڪري سگهي، جيستائين ڌريون نئون معاهدو ڪري ان کي ختم نه ڪن تيستائين معاهدو لاڳو رهندو، ڀارت طرفان استعمال ڪيل اصطلاح ”هيلڊ ان ايبينس“ مبهم آهي.

رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته ڀارت معاهدي جي معطلي بابت شقن کي واضح طور تي لاڳو نه ڪيو، مقرر طريقيڪار کي نظرانداز ڪري هڪ طرفي معطلي غير قانوني آهي، تڪرارن جو حل معاهدي ۾ لکيل طريقيڪار تحت ٿيڻ گهرجي، ڀارت جي ”ميٽيريل بريچ“ واري دليل کي ڪمزور قرار ڏنو ويو آهي.

خاص ماهرن جي رپورٽ موجب، پاڪستان طرفان معاهدي جي ڪنهن به شق جي ڀڃڪڙي ظاهر نه ٿي آهي، ڀارت طرفان مبينا سرحد پار دهشتگردي جي الزامن کي آبي معاهدي سان ڳنڍڻ قانوني طور غير لاڳاپيل آهي.

رپورٽ موجب، بنيادي حالتن ۾ تبديلي“ واري دليل انتهائي سخت معيار تي پورو لهڻ گهرجي، رڳو آبادي يا توانائي جون گهرجون ڪافي ناهن، ڀارت ”ڪائونٽر ميجرز“ جي جواز لاءِ به ڪو اعتباد جوڳا ۽ مربوط ثبوت ناهن ڏنا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي روڪڻ يا معاهدو معطل ڪرڻ نامناسب قدم آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو بار سڌو سنئون عام پاڪستانين جي حقن تي پوي ٿو، ڪائونٽر ميجرز بنيادي انساني حقن بابت ذميوارين کان ڇوٽ نٿا ڏين، ڪائونٽر ميجرز لاءِ نوٽيس، ڳالهين جي آڇ ۽ قانوني طريقيڪار جون شرطون پوريون ٿيڻ گهرجن، اهي قدم عارضي ۽ واپس وٺڻ جهڙا هوندا آهن، کين مستقل خاتمي يا معطلي جو جواز نٿو بڻائي سگهجي.

رپورٽ ۾ ڀارت سبب سنڌ طاس معاهدي ۾ پيدا ٿيل بگاڙ جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، انڊس ڪميشن جا ساليانا اجلاس 2022ع کانپوءِ نه ٿيا آهن، ڊيٽا جي ڏي وٺ ۾ رنڊڪ ۽ تصفيي وارن نڪتن تي تڪرار معاهدي جي روح جي خلاف آهن، ڀارت ٽياڪڙي ڪارروائين ۾ شرڪت کان پاسو ڪيو ۽ سنڌ طاس معاهدي جي اختيارن واري دائري کي چئلينج ڪيو.

رپورٽ ۾ ڀارت کان وضاحت، ممڪن تلافي ۽ معذرت بابت باضابطا جواب طلب ڪرڻ ۽ معاهدي تي نيڪ نيتي سان عملدرآمد بابت به جواب گهريو آهي.

گڏيل قومن جي خاص ماهرن ڀارت کان انساني نقصان روڪڻ لاءِ کنيل قدمن بابت باضابطا جواب طلب ڪندي چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي نيڪ نيتي سان عمل ڪري ۽ پاڪستان جي حقن جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪري.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڀارت پاڻي ۾ رنڊڪ سبب پيدا ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ نقصان کي روڪڻ لاءِ عملي قدم واضح ڪري.

گڏيل قومن جي اسپيشل رپورٽرز ڀارت جي موقف کي رد ڪندي مودي سرڪار ڏانهن سوالنامو به اُماڻيو، جنهن ۾ هي سوال شامل آهن ته

ڇا ڀارت وٽ پنهنجي مڙهيل الزامن جا ثبوت موجود آهن؟

ڇا ڀارت طاقت جي غيرقانوني استعمال سبب ٿيندڙ انساني نقصان جو ازالو ڪندو ۽ معافي وٺندو؟

ڇا ڀارت سنڌ طاس معاهدي جون ذميواريون نڀائيندو ۽ پاڪستان جي قانوني، بنيادي ۽ انساني حقن جي پاسداري ڪندو؟

ڇا ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي تڪرار حل واري شقن تي عمل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو؟

ڇا ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ۽ ڪشميرين کي حقِ خوداراديت ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو؟

رپورٽ موجب، ڀارت گڏيل قومن جي ڪنهن به سوال جو جواب ناهي ڏنو، سوالن جا جواب نه ملڻ کانپوءِ خاص ماهرن رپورٽ جاري ڪري ڇڏي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں