9مئي ڪلب چوڪ ڪيس، شاھ محمود، ياسمين راشد سميت چئن اڳواڻن کي 10-10 سال جي قيد سزا

فہرستِ مضامین

لاهور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي ڪلب چوڪ جي او آر گيٽ تي حملي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي چئن اڳواڻن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.

عدالت ساڳئي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاھ محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ ٻين چئن اڳواڻن ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيمہ، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.

جج منظر علي گل ڪوٽ لکپت جيل اندر فيصلو ٻڌائيندي گورنمينٽ آفيسرز ريزيڊنس، آءِ ڪلب چوڪ جي گيٽ تي حملي بابت ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين، عمرسرفراز چيمہ، ميان محمود الرشيد ۽ چوڌي کي 10-10 قيد جي سزا سزا ٻڌائي، جڏھن تہ اڳوڻي پرڏيھي وزير شاھ محمود قريشي کي بري ڪيو ويو.

ٽرائل دوران ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت 21 جوابدارن جا حتمي بيان قلمبند ڪيا ويا، جڏھن تہ پراسيڪيوشن پاران 56 گواھن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ياد رھي تہ ٽرائل دوران 4 جوابدارن کي اشتھاري بہ قرار ڏنو ويو ھو………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں