اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري، وزيرِاعظم جي صلاح تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊي نوٽيفڪيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جج کي باضابطہ طور تي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو.
ايوان صدر مان جاري ٿيل پڌرائي موجب صدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊي نوٽيفڪيشن جي منظوري ڏني، ان منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت جسٽس طارق محمود جهانگيري کي جج جي عهدي تان هٽائڻ جو باضابطہ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رھي تہ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊگري ڪيس بابت فيصلو ٻڌائيندي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي جج طور مقرري کي غيرقانوني قرار ڏنو هو ۽ کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت پنھنجي فيصلي ۾ چيو تہ جسٽس طارق جھانگيري جي تقرري قانون ۽ آئيني گھرجن موجب نہ ھئي.
هي فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد اعظم خان تي ٻڌل ڊويزن بينچ ٻڌايو، عدالتي قانون واري وزارت کي ھدايت ڪئي ھئي تہ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏئي فوري طور تي ڊي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.
عدالتي فيصلي بعد وفاقي حڪومت آئيني طريقيڪار تحت صدر کان منظوري حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ڊي نوٽيفڪيشن جو عمل مڪمل ڪيو ويو، قانون واري وزارت موجب سڀئي قدم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ کنيا ويا .
واضح رھي تہ ڊي نوٽيفڪيشن کانپوءِ جسٽس طارق محمود جهانگيري هاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج نہ رھيو آھي ۽ عدالتي حڪم تي مڪمل عمل درآمد ڪيو ويو آهي……..