اسلام آباد: پاڪستاني ڳجھن ادارن وڏي ڪارروائي ڪندي داعش خراسان جي ترجمان ۽ تنظيم جي ميڊيا ونگ الاعزام فائونڊيشن جي باني، دشتگرد سلطان عزيز اعزام گرفتار ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي ايناليٽيڪل سپورٽ ۽ سينڪشنز مانيٽرنگ ٽيم جي رپورٽ موجب سلطان عزيز اعزام داعش خراسان جو ترجمان ۽ تنظيم جي ميڊيا ونگ جو باني ھو، سندس گرفتاري کان پوءِ تنظيم جون ميڊيا سرگرميون معطل ٿي ويون آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ پاڪستان جي هن ڪارروائي سان داعش خراسان جو تنظيمي ڍانچو عالمي سطح تي ڪمزور ٿي ويو آهي، حملن جا ڪيترائي منصوبا ناڪام بڻايا ويا آھن، اهم ڪمانڊر ۽ نظرياتي اڳواڻ مارجي ويو آھي ۽ تنظيم جي ويڙھاڪن جي تعداد ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي.