واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي تہ بائيڊن دور جون پاليسيون ٻيهر لاڳو ٿيڻ نہ ڏينداسين ۽ آمريڪا ۾ غيرقانوني اچ وڃ مڪمل طور بند ڪئي وئي آهي.
صدر ٽرمپ چيو تہ غيرقانوني پناهگيرن کي ڪنهن بہ صورت آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي.
هن چيو تہ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عوامي مينڊيٽ مليو ۽ هڪ سال اندر اهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪيون جيڪو ڪو ٻيو حاصل نہ ڪري سگهيو.
آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي تہ هن جي دور ۾ آمريڪا بدترين حالتن مان نڪرڻ کانپوءِ بهترين پوزيشن تي پهتو، آمريڪي شهرين جي پگهارن ۾ واڌ ٿي، کاڌي پيتي ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ تيزي لاٿ اچي رھي آهي.
هن چيو تہ مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي ۽ آمريڪا وٽ دنيا جي سڀ کان سگهاري فوج آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ موجب، منشيات جي اسمگلنگ کي زميني ۽ سامونڊي رستن کان 94 سيڪڙو گهٽايو ويو آهي.
هن چيو تہ ڪيئي وڏا قدم ٽيرف پاليسي جي ذريعي ممڪن ٿيا، جنهن سان ملڪي معيشت بهتر بڻائي وئي ۽ آمريڪا ۾ هزارين ڊالرز جي سيڙپڪاري لاءِ موقعا پيدا ٿيا.
صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي تہ هن 10 مهينن دوران 8 جنگون روڪرايون، ايران جي جوھري خطري کي تباهہ ڪيو ۽ غزا جي جنگ کي ختم ڪرائي 3 هزار سالن ۾ پهريون ڀيرو امن قائم ڪيو.
هن چيو تہ زنده يا مارجي ويل يرغمالين جي آزادي کي يقيني بڻايو ويو ۽ سڀني کي وطن واپس آندو ويو.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ آمريڪا کي نئين قانونسازي نہ پر هڪ مضبوط ۽ فيصلا ڪندڙ صدر جي ضرورت هئي، جنهن کي هن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي…….