سڊني واقعي بابت ڀارت ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ۽ عالمي ميڊيا ان کي پکيڙيو: اطلاعات وارو وزير

فہرستِ مضامین

اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آھي تہ سڊني ۾ پيش آيل فائرنگ جي واقعي کانپوءِ پاڪستان خلاف منظم نموني ڊس انفارميشن ۽ پروپيگنڊا پکيڙي وئي.

عطا تارڙ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن واقعي کي بنياد بڻائي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستاني حڪومت شروعات کان ئي هن افسوسناڪ واقعي جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

هن ٻڌايو ته صدرِ آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم بہ سڊني فائرنگ واري واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

هن چيو تہ پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، ڇو تہ پاڪستان پاڻ ڊگهي عرصي کان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي ۽ هن جنگ ۾ عوام ۽ سيڪيورٽي ادارن وڏي پيماني تي قربانيون ڏنيون آهن.

وفاقي وزير پرڏيھي ميڊيا جي نمائندن کي اهي وڊيوز بہ ڏيکاريون، جن ۾ پاڪستان خلاف ھلايل مهم کي چٽي نموني ظاهر ڪيو ويو.

هن چيو ته سڊني واقعي کان اڳ جوابدارن فلپائن جو به سفر ڪيو هو، پر هن حقيقت کي نظرانداز ڪندي ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي فوري طور پاڪستان تي الزام مڙهيا ويا.

عطا تارڙ چيو تہ ڀارت پاڪستان خلاف هڪ ڪوڙو بيانيو گھڙيو ويو، جنهن کي ڪجهه عالمي ۽ مشھور ميڊيا ادارن بہ بغير تصديق جي اڳتي وڌايو، هاڻي ثبوتن مان اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته هن واقعي ۾ ملوث عنصرن جو تعلق ڀارت سان هو، ان باوجود پاڪستان خلاف بي بنياد الزام هنيا ويا.

هن چيو تہ ڀارت پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ سازشون ڪري رھيو آھي ۽ ثبوت موجود آهن ته هو پاڪستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي پٺڀرائي ۽ فنڊنگ ۾ ملوث رهيو آهي

وفاقي وزير اطلاعات عالمي ميڊيا کان مطالبو ڪيو تہ اهڙن حساس معاملن ۾ ذميوراڻي صحافت کي ھٿي ڏني وڃي ۽ ڪنھن بہ ملڪ تي بغير ثبوت جي الزام نہ مڙھيو وڃي، اطلاعات واري وزير زور ڏنو تہ حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ ئي عالمي امن ۽ گڏيل اعتماد کي ھٿي ڏئي سگھجي ٿي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں