ملڪ ۾ جلد ئي عمران خان جي حڪومت ھوندي، جڏھن بہ ان جو سڏ ٿيندو نڪري پونداسين: سھيل آفريدي

فہرستِ مضامین

ڪوھاٽ : ڪي پي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو آھي تہ جڏھن بہ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڪال ايندي اسان  نڪري پونداسين.

ڪوھاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ صوبي ۾ ڪرپٽ عنصرن جو خاتمو ڪنداسين، ملڪ ۾ جلد ئي رڳو پي ٽي آءِ باني جي حڪومت ھوندي.

ھن چيو تہ خيبرپختونخوا طرف آڱر کڻندڙ پھرين پنھنجي صوبي ۾ ڪرپشن ڏسن، پنجاب ۾ ھزارين اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رھي آھي.

سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي ڀينرن کي جعلي ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آھي، اسان پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائينداسين، جڏھن بہ پي ٽي آءِ باني جي ڪال ايندي تہ اسان نڪري پونداسين.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شھريار آفريدي چيو تہ اين ايف سي ۾ ڪي پي جو حصو نہ پيو ڏنو وڃي، پاڪستان کي متحد ڪرڻو آھي، سمورن قومن کي متحد ٿيڻو پوندو……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں