لاھور ۾ ڊي ايس پي ھٿان زال ۽ ڌيءُ قتل، جوابدار پاران ڏوھ جو اعتراف

فہرستِ مضامین

لاھور ۾ ڊي ايس پي عثمان حيدر جي زال ۽ ڌيءُ جي قتل جو ڊراپ سين سامھون اچي ويو آھي، ڊي ايس پي عثمان حيدر پاڻ ئي پنھنجي زال ۽ ڌيءُ جو قاتل نڪتو آھي، جنھن ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آھي.

ڊي آءِ جي ذيشان رضا چيو آھي تہ ڊي ايس پي عثمان حيدر کي گرفتار ڪيو ويو آھي، عثمان حيدر پنھنجي زال ۽ ڌيءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو.

پوليس موجب ڊي ايس پي عثمان حيدر ھڪ مھينو اڳ ٻنھي جي اغوا جي ايف آءِ آر برڪي ٿاڻي ۾ داخل ڪرائي ھئي، گرفتاري بعد جوابدار ڊي ايس پي ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي.

پوليس  ڌيءُ جو لاش ڪاھنہ ۽ زال جو لاش شيخوپورا مان ھٿ ڪري ورتو آھي، ڊي ايس پي عثمان حيدر  گھرواڻبڻت تان پنھنجي زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪيو.

ٻنھي زال ۽ مڙس جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان گهريلو اڻبڻت جاري هئي، ڊي ايس پي عثمان حيدر ٻہ شاديون ڪيون ھون، مقتولا ڊي ايس پي عثمان حيدر جي پهرين زال هئي، ڊي ايس پي عثمان حيدر جي ٻي شادي کانپوءِ تڪرار شروع ٿيا هئا.

پوليس موجب ڊي ايس پي مقتولا سان پسند جي شادي ڪئي ھئي، ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ جاري آھي………..

لاھور ۾ ڊي ايس پي ھٿان زال ۽ ڌيءُ قتل، جوابدار پاران ڏوھ جو اعتراف

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں