آمريڪا ۾ موجود 2 ھزار افغان شھرين جا دھشتگرد تنظيمن سان رابطن جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

واشنگٽن : آمريڪا ۾ موجود افغان شهرين بابت هڪ ڳڻتي جوڳو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي جتي تقريبن 2 هزار افغان شهرين جي دهشتگرد تنظيمن سان رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي.

اها ڳالهہ نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر تلسي گبارڊ آمريڪي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چئي. تلسي گبارڊ بائيڊن انتظاميه جي دور ۾ آمريڪا آيل افغان شهرين جي جانچ پڙتال جي سست ۽ غير اثرائتي عمل تي سخت تنقيد ڪئي

هن چيو تہ آپريشن الائيز ويلڪم تحت گڏيل طور تي 16 هزار افغان شهري آمريڪا ۾ داخل ٿيا پر انهي دوران مناسب ۽ جامع اسڪريننگ نہ ڪئي وئي.

هن چيو تہ موجودہ مرحلي ۾ آپريشن الائيز ويلڪم تحت آيل هر افغان شهري جو سختي سان جائزو ورتو پيو وڃي ۽ انهي سلسلي ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا حرڪت ۾ آهن

تلسي گبارڊ موجب شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهہ سامهون آئي آهي تہ آمريڪا آيل 16 هزار افغان شهرين مان تقريبن 2 هزار دهشتگرد تنظيمن سان سڌا يا امڪاني رابطا آهن.

نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر خبردار ڪيو تہ داعش ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون مسلسل آمريڪي زمين تي حملن جي منصوبا بندي ۾ رڌل آهن ۽ اهي گروپ آمريڪا ۾ اهڙن ماڻهن جي ڳولا ۾ رھندا آھن جيڪي انهن جي مقصد کي اڳيان وڌائي سگهن.

تلسي گبارڊ انٽرويو دوران چيو تہ گذريل ڪجهہ سالن دوران غيرقانوني طور تي  آمريڪا آيل ماڻهن جي انگ ۾ بہ واضح اضافو ٿيو آهي جيڪو ملڪي سلامتي جي لاءِ هڪ  ٻيو وڏو چيلينج بڻجندو پيو وڃي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں