آءِ ايم ايف جي مطالبي تي ملازمن جا اثاثا پبلڪ ڪرڻ بابت قانونسازي ڪري چڪا آھيون: ناڻي وارو وزير

فہرستِ مضامین

لاھور: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آھي تہ سرڪاري ملازمن جا اثاثا پبلڪ ڪرڻ بابت قانونسازي ڪري چڪا آھيون، آءِ ايم ايف سرڪاري ملازمن جا اثاثا سامھون آڻڻ جو چيو آھي، ھي اضافي شرط نہ پر عملي قدم آھي.

لاھور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ ھو تہ سول سرونٽس ۽ سمورن پارليامانيٽرينز جا اثاثا 31 ڊسمبر تي ويب سائيٽ تي اچي ويندا آھن.

ان جو چوڻ ھو تہ نوڪريون پيدا ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناھي، ھي ڪم پرائيوٽ سيڪٽر جو آھي، اسٽارٽ اپس ۽ نوجوان ڪاروبار ماڻھن لاءِ سازگار ماحول حڪومت جي ترجيح آھي، ملڪ پرائيوٽ سيڪٽر کي ليڊ ڪرڻو پوندو.

ناڻي واري وزير چيو تہ ڊجيٽل معيشت ۽ اي ڪامرس سبب ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ آئي آهي، ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولت ڏيڻ سان اعتماد وڌيو آهي، جديد نظام سان ٽيڪس اوڳاڙي ۾ شفافيت ۽ اعتماد ۾ اضافو سٺو سنوڻ آھي، وزيراعظم جي معاشي ٽيم جي محنت ۽ ڪاوشن جي بدولت بدعنواني ۾ واضح حد تائين گھٽتائي آئي، ملڪ ۾ مھانگائي جي شرح قابو ۾ آھي.

سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ ھو تہ کين ڊجيٽل اڪانومي طرف وڃڻو آھي، ڪرپٽو ايڪسچينج کي لائسنس ڏيڻ جو معاھدو ڪيو آھي ان سان وڌيڪ بھتري ايندي، اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني ڪرپٽو جي ڪاروبار ۾ شامل آھن، اڪثريت نوجوانن جي آھي، ملڪ ھلندو، معيشت ھلندي ۽ ملڪ کي اڳتي کڻي وينداسين……….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں