سيالڪوٽ : بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي تہ سازشي عنصر اڃا بہ عمران خان کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آهن.
سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو تہ فيض حميد عمران خان پروجيڪٽ جو انچارج هو، فيض حميد جڏھن ڪور ڪمانڊر پشاور هو تڏھن هن عمران خان جي سياست کي هٿي ڏني.
هن چيو تہ ڌانڌلي ذريعي فيض حميد جي نگراني ۾ پي ٽي آءِ باني کي اقتدار ۾ آندو ويو، جڏھن تہ عمران خان کي آڻڻ واري پروجيڪٽ ۾ ٻيون شخصيتون بہ ڪم ڪنديون رھيون.
هن چيو تہ پي ٽي آءِ باني 4 سال ملڪ سان هٿ چراند ڪئي، جنهن جا ذميوار فيض حميد ۽ عمران خان آهن، عوام ڄاڻي ٿو تہ پي ٽي آءِ پاني ڪيترو ڊيليور ڪيو، سندس دور ۾ پارليامينٽ کي آءِ ايس آءِ جو ماتحت ادارو بڻايو ويو، فيض حميد جو پروجيڪٽ هوريان هوريان وائکو ٿيڻ لڳو آھي، پي ٽي آءِ باني لاءِ 9 مئي جا واقعا ڪرايا ويا، جنهن جي پٺيان بہ فيض حميد جو دماغ هو، رٿابندي ان جي هئي.
خواجا آصف چيو تہ سمورن مخالفن کي فيض حميد جي ذريعي جيلن ۾ وڌو ويو، فيض حميد ملڪ سان نهايت ڀوائتي راند کيڏيندو رھيو، سڀني سازشن جي پٺيان فيض حميد شامل هو.
بچاءَ واري وزير موجب، 9 مئي جي تباهي بہ فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني جي هئي، ٻنهي جي ڳٺ جوڙ قائم رھي ها تہ خبر ناهي ملڪ کي ڪيترو نقصان پهچي ها، هنن ماڻهن پاڪستان سان دشمني ڪئي آهي، کين انجام تائين پهچائڻ ضروري آهي.
سندس چوڻ هو تہ احتساب انهن جو بہ ٿيندو جيڪي بيوروڪريسي سميت ٻين ادارن ۾ لڪيا ويٺا آهن، فوج پاڻ فيض حميد جو ٽرائل ڪيو ۽ 15 مهينن تائين ڪيس هلائي کيس سزا ٻڌائي وئي.
خواجا آصف چيو تہ 9 مئي تي تباهي جو منصوبو فيض حميد جو جوائنٽ وينچر هو، اڄ بہ سازشي عنصر پي ٽي آءِ باني کي اقتدار ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آهن.
وفاقي وزير موجب، 9 مئي تي فوج ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، ان ئي فوج آپريشن بنيان مرصوص ۾ عوام جو ڳاٽ فخر مان اوچو ڪيو، جيڪڏھن فيض حميد ۽ عمران خان وارو منصوبو ڪامياب ٿي وڃي ها تہ حالتون ڪهڙيون هجن ها؟
هن چيو تہ پاڪستان جي نئين تاريخ مئي ۾ رقم ٿي،اسان کي ان تاريخ تي فخر آهي، جيڪڏھن فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني جي ڳٺ جوڙ ڳٺ جوڙ جاري رھي ها تہ ملڪ جو ڇا حشر ٿئي ها، کين انجام تائين نہ پهچايو ويو تہ اهو ملڪ جي حق ۾ خير ثابت نہ ٿيندو.
خواجا آصف چيو تہ فيض حميد کي سزا خلاف اپيل جو حق حاصل آهي، پر نواز شريف کي اهڙي ڪا سهولت حاصل نہ هئي، شهباز شريف ملڪ کي خراب حالتن مان ڪڍيو، فوجي قيادت سول حڪومت جي مدد ڪئي آهي، دعا آهي تہ فيض حميد ۽ باني جهڙن ماڻهن جو مڪمل خاتمو ٿئي.
هن وڌيڪ چيو تہ فيض حميد خلاف اڃا ٻيا چارجز بہ آهن، 9 مئي جو ڪيس موجود آهي، سياست ۾ اهڙا ماڻهو بہ لڪيا ويٺا آهن جيڪي سازشن ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئا، انهن جو بہ حساب ٿيڻ گهرجي، نيب کي اسان خلاف استعمال ڪيو ويندو هو، مون کي گهرائي چيو ويو تہ نواز شريف خلاف بيان ڏيو نہ تہ جيل موڪلينداسين، مون انڪار ڪيو ۽ چيو تہ مان نواز شريف جو ساٿ نٿو ڇڏي سگهان، جنهن کانپوءِ مون کي پنجين ڏينهن گرفتار ڪيو ويو.