برطانوي حڪومت ناليواري پاڪستاني يوٽيوبر رجب بٽ کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آھي، ھن لڳ ڀڳ 6 مھينا اڳ ويزا جي درخواست ڏيڻ وقت پنھنجي خلاف پاڪستان ۾ ھلندڙ ڪيسز کي لڪايو ھو.
برطانوي اختيارن يوٽيوبر جي ويزا رد ڪندي کيس فوري ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو، ڇو تہ ويزا جي جاچ پڙتال دوران اھا ڳالھ سامھون آئي تہ ھن پاڪستان ۾ پنھنجي خلاف ھلندڙ ڪاررواين بابت اختيارن کي آگاھ نہ ڪيو ھو.
لنڊن ۾ مشهور صحافي مرتضىٰ علي شاهہ هڪ وڊيو رپورٽ ۾ چيو تہ رجب بٽ کي برطانيہ جي ڪائونٽر ٽيررزم انٽيليجنس ايجنسي گرفتار ڪيو هو.
هن چيو تہ رجب بٽ ۽ نديم ناني والا (نديم مبارڪ) ٻنهي کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي وئي، انهن تي برطانيہ ۾ ڪيترن ئي غيرقانوني سرگرمين، دهشتگردي سان تعلق رکندڙ الزامن جي بنياد تي شڪايتون هيون۔
مرتضى علي شاهہ ٻڌايو تہ جاچ دوران اهي الزامن ڪوڙ ثابت ٿيا ۽ ٻنهي کي الزامن مان بري قرار ڏنو ويو، بحرحال، معاملو بعد ۾ هوم آفيس ڏانهن ويو جتي ویزا فارم جو ٻيهر جائزو ورتو ويو۔
اتي انڪشاف ٿيو تہ رجب بٽ پنهنجي فارم ۾ ڪوڙ ڳالھايو ۽ پاڪستان ۾ سندس خلاف هلندڙ ڪيسن جو ذڪر نہ ڪيو هو۔
ذريعن موجب سي ٽي ڊي پنجاب سميت ٻين پاڪستاني ادارن بہ رجب بٽ خلاف شڪايتون برطانوي اختيارين ڏانھن اماڻيون ھيون.
مرتضىٰ علي شاهہ موجب، هن نديم مبارڪ سان بہ سڌو رابطو ڪيو، جنهن گرفتاري ۽ آزادي جي تصديق ڪئي، نديم ناني والا ٻڌايو تہ کيس برطانيہ ۾ رھڻ جي اجازت ملي وئي، پر رجب بٽ جي ويزا رد ڪئي وئي آھي ۽ هو هاڻي پاڪستان واپس اچي رھيو آھي.
واضح رھي تہ پاڪستان جي نيشنل سائبر ڪرائم انويزٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) سيپٽمبر ۾ رجب بٽ خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي هئي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو تہ هو سوشل ميڊيا اڪائونٽنس ذريعي غيرقانوني جوا جي ايپس جي تشهير ڪئي.
ايف آءِ آر ۾ رجب بٽ جون اهي وڊيوز بہ شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ هو انهن خدمتن جي پرچار ڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔…….