پاڪستان، برطانيہ ۾ ترسيل شھزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي لاءِ برطانيہ کي درخواست ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

پاڪستان، برطانيہ ۾ ترسيل شھزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي لاءِ برطانيہ کي درخواست ڏئي ڇڏي.

وفاقي گھرو وزير محسن نقوي سان برطانوي ھاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنھن ۾ پاڪ برطانيہ لاڳاپن، سڪيورٽي سھڪار ۽ گڏيل دلچسپي وارن مامرن تي ڳالھيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي برطانيہ ۾ غير قانوني طور ترسيل پاڪستانين جي ڏيھ واپسي واري مامري تي بہ ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي.

ان دوران وفاقي گھرو وزير محسن نقوي، شھزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي پاڪستان حوالگي بابت ڪاغذ برطانوي ھاءِ ڪمشنر جي حوالي ڪيا.

محسن نقوي چيو تہ عادل راجا ۽ شھزاد اڪبر پاڪستان کي گھربل آھن، کين فوري طور تي پاڪستان جي حوالي ڪيو وڃي.

وفاقي گھرو وزير پروپئگينڊا ڪندڙ پاڪستاني شھرين خلاف جوڳا ثبوت بہ فراھم ڪيا، محسن نقوي چيو تہ اظھار جي آزادي تي پورو يقين آھي پر فيڪ نيوز ملڪ لاءِ مسئلو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں