گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اڱاري جي ڏينھن ھڪ ٺھراءُ منظور ڪيو جنھن ۾ والاريل فلسطيني علائقن مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي جو مطالبو ڪيو ويو، ٺھراءُ جي حق ۾ 151 ملڪن ووٽ ڏنا، 11 ملڪن مخالفت ڪئي ۽ 11 ووٽنگ کان پاسو ڪيو.
ٺھراءُ ۾ زور ڏنو ويو آهي تہ وچ اوڀر امن عمل جي سڀني اهم معاملن تي اعتماد واري ۽ فوري ڳالهين جي شروعات ۽ ماسڪو ۾ عالمي امن ڪانفرنس گھرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.
جنرل اسيمبلي اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي تہ هو عالمي قانونن تي مڪمل عملدرآمد ڪري، غير قانوني قبضو ختم ڪري، نئين آبادڪاري روڪي ۽ والاريل فلسطيني علائقن مان سڀني يهودي آبادڪارن کي نيڪالي ڏئي.
ٺھراءُ ۾ چيو ويو تہ غزہ ۾ ڪنهن بہ قسم جي آبادي يا جغرافيائي تبديلي کي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ غزہ ۽ اولهہ ڪناري کي فلسطيني اٿارٽي جي تحت متحد ڪرڻ گھرجي.
ٺھراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو تہ اسرائيل کي 1967 کان قبضو ڪيل سمورن فلسطيني علائقن مان نڪرڻو پوندو تہ جيئن فلسطيني عوام پنھنجي بنيادي حق، حق خوداراديت جو استعمال ڪري سگھي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي اسامہ افتخار احمد بحث دوران چيو تہ دنيا کي هاڻي پنهنجي وعدن کي عمل ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، پاڪستان فلسطيني عوام جي آزادي، خودمختياري، امن ۽ انصاف واري جدوجهد جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
هن زور ڏنو تہ غزہ ۾ مڪمل جنگبندي لاڳو، اسرائيلي فوج جو نڪرڻ، انساني امداد جي بنا رنڊڪ فراھمي ۽ غزه جي فوري ٻيهر تعمير اڻٽر آھي.
پاڪستاني نمائندي چيو تہ والاريل علائقن ۾ ڪنهن بہ جبري تبديلي، ورھاست، يا جبري بيدخلي کي قبول نٿو ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ زور ڏنو تہ رڳو سياسي حل ئي پائيدار امن آڻي سگهي ٿو ، يعني 1967ع واري سرحدن جي بنياد تي هڪ خودمختيار، مڪمل، آزاد ۽ جغرافيائي طور ڳنڍيل فلسطيني رياست جو قيام، جنهن جو گادي جو هنڌ اوڀر يروشلم القدس الشريف هجي……..