واشنگٽن ۾ وائيٽ ھائوس ويجھو فائرنگ ۾ نيشنل گارڊ جا 2 اھلڪار زخمي ٿي پيا آھن.
آمريڪي ميڊيا موجب وائيٽ ھائوس ويجھو ھڪ شخص نيشنل گارڊ جي اھلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن ۾ 2 اھلڪار زخمي ٿي پيا.
ميڊيا رپوٽس موجب زخمي ٿيل اھلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي.
پوليس جو چوڻ آھي تہ فائرنگ ڪندڙ شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آھي، جنھن جي سڃاڻپ افغان شھري رحمان اللہ جي نالي سان ٿي آھي.
پوليس موجب فائرنگ واري واقعي بعد وائيٽ ھائوس کي عارضي طور بند ڪيو ويو آھي، واقعي واري ھنڌ کي گھيري ۾ آڻي شھرين کي آءِ اسٽريٽ طرف نہ وڃڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.
آمريڪي ھوم لينڊ سيڪيورٽي جي سيڪريٽري جو چوڻ آھي تہ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واقعي کي دھشتگردي قرار ڏنو آھي، قوم کي خطاب ڪندي سندس چوڻ ھو تہ بائيڊن دور ۾ آمريڪا آيل افغانين جي ٻيھر ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حملي بابت ھڪ بيان بہ جاري ڪيو، جنھن ۾ چيو ويو تہ اھلڪارن تي حملو ڪندڙ دھشتگرد کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.